پاڪستاني ڪرڪيٽرن جون ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ تي انگلش ٽيم کي واڌايون

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ جي باني انگلينڊ جي ڪاميابي جتي سڄي دنيا جا ڪرڪيٽ مداح خوش آهن، اتي پاڪستاني ڪرڪيٽرن به دلچسپ فائنل مقابلي ۾ ڪاميابي تي انگلش ٽيم کي واڌايون ڏنيون آهن.

پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي فائنل ميچ کي عالمي ڪپ جي تاريخ جو هنيئر تائين جو بهترين فائنل قرار ڏيندي چيو ته عالمي ڪپ جو اهڙو فائنل ڪڏهن ناهي ڏٺو، ميچ دوران ڪڏهن انگلينڊ ته ڪڏهن نيوزيلينڊ فيورٽ لڳو.

پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽسمين محمد يوسف چيو ته ٻنهي ٽيمن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، ورلڊ ڪپ فائنل، ڪرڪيٽ لاءِ اهو بهترين ميچ هو، پاڪستان جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق چيو ته ٻنهي ٽيمن بهترين راند کيڏي.

عظيم ڪپتان مصباح الحق نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي دلچسپ فائنل ۾ فاتح ٽيم انگلينڊ کي واڌايون ڏيندي چيو ته اصل چيپميئن بين اسٽوڪس آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر آل رائونڊر پروفيسر محمد حفيظ پنهنجي پيغام ۾  چيو ته هو عالمي چيپيئن بڻجڻ تي انگلينڊ کي وڌايون پيش ڪري ٿو.

فاسٽ بالر وهاب رياض چيو ته دلچسپ مقابلي هو، ڪيوي ٽيم ڏاڍو زبرست کيڏي، پر بدقسمتي سان هارائي وئي.

وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل چيو ته عالمي ڪپ جو فائنل انتهائي شاندار هو، پهريون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجڻ تي انگلينڊ کي واڌايون پيش ڪيان ٿو، نيوزيلينڊ جي ٽيم به چيمپيئن وانگر کيڏي، نيوزيلينڊ ڪاميابي لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي پر قسمت جي ديوي انگلينڊ تي مهربان رهي.

احمد شهزاد جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ جو فائنل ۾ ننهن چوٽي جو مقابلو ڏسڻ لاءِ مليو، انگلينڊ جي ٽيم ڪاميابي جي حقدار هئي، بين اسٽوڪس ۽ جوفرا آرچر پنهنجي ملڪ کي ڪاميابي ڏياري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.