مصطفيٰ ڪمال جون اهم منصوبي ۾ اکيون…

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال حڪومت کي آڇ ڪئي آهي ته ڪي فور منصوبو ٽن ورهين ۾ مڪمل ڪري سگھون ٿا ۽ ان جي عيوض رڳو هڪ رپيو فيس وٺنداسين.

ڪراچي ۾ پي ايس پي جي مرڪز پاڪستان هائوس ۾ انيس قائم خاني ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزيراعظم اعلان ڪري هليو ويندو آهي پر شهر کي هڪ رپيو به ناهي ڏنو ويندو، عمران خان بلوچستان ۽ سنڌ جي نظام جي حوالي سان اعلان ڪيا پر ان جو ڪو به فائدو نظر نه آيو، عوام پنهنجا مسئلا ڪيڏانهن کڻي وڃي.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي دوستن بجيٽ منظور ڪرائي رڳو وزارت جي ڳالهه ڪئي، جڏهن ته هو وفاقي حڪومت کان ڪي فور منصوبي جا پئسا به گهري پئي سگهيا، خالد مقبول شهر ۾ بئنر لڳرائي ريليون ڪڍي رهيو آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته آئون ٽن ورهين ۾ ڪي فور منصوبو مڪمل ڪري سگھان ٿو، حڪومت موقعو ڏئي، ڪراچي وارن لاءِ رڳو هڪ رپئي ۾ ڪم ڪندس.

پي ايس پي سربراهه چيو ته ماڻهو اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ قافلو وڌي رهيو آهي، پاڪ سرزمين پارٽي ۾ ماڻهن جي شموليت جو سلسلو روز جي بنياد تي جاري آهي، روز هڪ پريس ڪانفرنس ڪري سگھان ٿو، اڳ ۾ جڏهن شموليتون ٿينديون هيون ته زبردستي ڪرائڻ جو الزام لڳايو ويندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.