ڪرڪيٽ جا باني پهريون ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ ڪامياب

 

لارڊز (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي ٽيم ورلڊ ڪپ 2019 جي فائنل ۾ ننهن چوٽيءَ جي مقابلي کانپوءِ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو عالمي ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ ٽاءِ ٿيڻ کانپوءِ فائنل جي نتيجي لاءِ سپر اوور جو سهارو ورتو ويو، جنهن ۾ انگلينڊ جي ٽيم بنا ڪنهن نقصان تي 15 رنسون ٺاهيون ۽ نيوزيلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 16 رنسن جو هدف ڏنو، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم پڻ 15 رنسون ٺاهيون پر ان جو هڪ رانديگر آئوٽ ٿيو، اهڙي ريت انگلينڊ کي ورلڊ ڪپ جو فاتح قرار ڏنو ويو.

ان کان اڳ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ 2019 جي فيصلائتي ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 242 رنسن جو هدف ڏنو.

لارڊز ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

نيوزيلينڊ جي پهرين وڪيٽ 29 جي مجموعي اسڪور تي ان وقت ڪري، جڏهن ته آئوٽ آف فارم مارٽن گپٽل، ڪرس ووڪس جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو.

ان موقعي تي ڪپتان ڪين وليمسن ڪريز تي آيو ۽ هن هينري نڪولس سان گڏجي محتاط انداز ۾ بيٽنگ ڪندي ٽيم جي سينچري مڪمل ڪئي پر 103 جي مجموعي اسڪور تي ليام پلنڪيٽ ڪيوي ڪپتان کي بٽلر هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرائي پويلين موٽائي ڇڏيو، جنهن 30 رنسون ٺاهيون.

وليمسن جي آئوٽ ٿيڻ جو صدمو برداشت نه ڪندي هينري نڪولس به 55 رنسن جي اننگز کيڏي پلنڪيٽ کي وڪيٽ ڏئي ويٺو، ان وقت نيوزيلينڊ جو اسڪور 118 هو.

نيوزيلينڊ جي چوٿين وڪيٽ 141 جي مجموعي اسڪور تي روز ٽيلر جي صورت ۾ ڪِري، جيڪو 15 رنسون ٺاهي امپائر جي غلط فيصلي سبب ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي مايوسيءَ جي عالم ۾ واپس موٽيو.

ٻين رانديگرن مان به ڪو متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ۽ نيوزيلينڊ جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪِرنديون رهيون.

جيمز نيشم 19، ڪولن ڊي گرينڊ هوم 16 ۽ ميٽ هينري 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا پر ٽام ليٿم 47 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي تباهي کان بچائي ورتو.

نيوزيلينڊ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنسون ٺاهيون، مچل سينٽنر 9 ۽ ٽرينٽ بولٽ هڪ رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا، جڏهن ته لوڪي فرگيوسن جو وارو نه آيو.

انگلينڊ طرفان ڪرس ووڪس ۽ ليام پلنڪيٽ بهترين بالنگ ڪرائيندي 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته جوفرا آرچر ۽ مارڪ ووڊ جي حصي ۾ هڪ – هڪ وڪيٽ آئي.

جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم به مقرر اوورن ۾ 241 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.

انگلينڊ طرفان بين اسٽوڪس 84 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ جوز بٽلر 59، جوني بيئراسٽو 36، جيسن راءِ 17، ليام پلنڪيٽ 10 رنسون ٺاهيون.

ڪپتان اين مورگن سميت ميزبان ٽيم جا 6 رانديگرن ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.