مائيگرين جي نئين دوا، انساني تجربن ۾ ڪامياب

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي طبي ماهرن ” مائيگرين “ يعني اڌ مٿي ۾ سور جي نئين دوا تيار ڪرڻ کانپوءِ انسانن تي ان جي وسيع طبي آزمائيشون ( فيز ٿري ڪلينيڪل ٽرائلز ) به ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتيون آهن.  جنهن کان پوءِ اميد آهي ته اها دوا ايندڙ سال تائين مارڪيٽ ۾ موجود هوندي، ها پر اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ان جي قيمت ڪيتري هوندي.

مائيگرين جي نئين دوا ” رائميجي پينٽ “ هڪ گوليءَ جي شڪل ۾ آهي جنهن کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين 1186 مريضن تي آزمايو ويو. ان کي استعمال ڪندڙ مريضن جي وڏي انگ کي واضح فائدو ٿيو جڏهن ته ڪجهه مريضن ۾ سائيڊ ايفيڪٽس طورتي پيشاب ۾ ساڙي جي شڪايت به سامهون آئي جيڪا مائيگرين جي موجودا دوا جي ڀيٽ ۾بنهه معمولي اثر آهن.

مائيگرين جي علاج لاءِ ڏنل موجودا دوائن ۾ ” ٽرائي پينس“ قسم جا مرڪبات شامل هوندا آهن جن جا سخت اثر ( سائيڊ ايفيڪٽس ) جي فهرست ۾ گهڻي ڊگهي آهي جن ۾ غنودگي، پٺن ۾ ڪمزوري، جلد تي خارش، منهن جو خشڪ ٿي وڃڻ، سيني ۾ تڪليف ۽ رت جي رڳن جو سخت ٿي وڃڻ وغيرا شامل آهن جنهن جو نتيجو دل جي دوري يا شريانن ۽ دل جي ٻين بيمارين جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو.

نئين دوا رائميجي پينٽ ان لحاظ کان بهتر آهي ته اها رت جي رڳن کي متاثر ناهي ڪندي، يعني ان کي دل ۽ شريانن جي تڪليف ۾ مبتلا مريض به بنا ڊپ ۽ خطري جي استعمال ڪري سگهن ٿا. اهو پڻ اهم آهي ته مائيگرين جي علاج ۾ 30 سال کانپوءِ ڪا نئين دوا ڪامياب ثابت ٿي آهي.

رائميجي پينٽ بابت فيز ٿري ڪلينيڪل ٽرائلز جا تفصيل ” دي نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن“ جي تازي شماري ۾ شائع ٿيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.