ڪرتاپور راهداري منصوبو، پاڪ ڀارت ڳالهين جو ٻيو دور واهگا بارڊر تي شروع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪرتارپور راهداري منصوبي تي پاڪ ڀارت ڳالهين جو ٻيو دور واهگا بارڊر تي شروع ٿي ويو آهي.

 

13 رڪني پاڪستاني وفد جي قيادت ڊي جي سارڪ ۽ ڏکڻ ايشيا ڊاڪٽر محمد فيصل ڪري رهيو آهي جڏهن ته 8 رڪني ڀارتي وفد جي نمائندگي گهرو وزارت جو جوائنٽ سيڪريٽري ايس ايس ايل داس ڪري رهيو آهي.

 

ٻئي ڌريون ڪرتارپور جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ معاهدي جي مسودي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.

 

ڳالهين جي ٻئي دوري جي شروعات کان اڳ ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ هو ته وزيراعظم پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو ۽ بابا گرو نانڪ ديو جي سالگرهه تي راهداري کولڻ چاهي ٿو.

 

ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ڪرتارپور راهداري منصوبي تي ڳالهين جو ٻيو دور اهم آهي، راهداري منصوبي تي 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته اڄ ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.