غريب ته اڳ ئي ڏچي ۾ هو هاڻي سفيد پوش به ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن!

ڪبير احمد خانزاده

اڪثر مسجد مان نڪرڻ وقت در تي ئي ڪيترائي فقير جن ۾ اڪثريت پيرسن عورتن ۽ مردن جي هوندي آهي ماني ڳڀي لاءِ ٻين جي سامهون هٿ ان اميد سان ڦهلائيندا آهن ته نماز پڙهي نڪرندڙ شخص انهن کي ڪجهه نه ڪجهه خيرات ڏيندو ۽ اهي پنهنجي ٻچن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه خريد ڪري ماني ڳڀو کارائيندا، اڳ ڏٺو ويو ته انهن فقيرن جو انگ تمام گهٽ هوندو هو پر چئن کان پنجن مهينن جي وچ ۾ فقيرن جي انگ ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي،  گذريل  جمعي جڏهن مان نماز پڙهي مسجد مان نڪتس ته اهو ڏسو حيران ٿي ويس ته هاڻي انهن فقيرن جي انگ ۾ واڌ سان گڏ انهن ۾ سفيد پوش ماڻهو به شامل ٿي ويا آهن، جيڪي هٿ ڦهلائي اها التجا ڪندي نظر آيا ته خدا جي واسطي اسان جي گهر ۾ بک ۽ فاقه آهن اسان جي ٻچن جي کائڻ لاءِ گهر ۾ ڪجهه نه آهي، اهو ڏسي حيراني به ٿي ۽ پريشاني به ٿي ته آخر فقيرن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ڇو ٿيندي پئي وڃي؟ جيڪڏهن ٿلهي ليکي اها ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته دير نه لڳندي ته اهو سڀ ڪجهه هوش اڏائيندڙ مهانگائي سبب  ٿي رهيو آهي. مهانگائي ايڏي وڌي وئي آهي  جو جيڪا شئي اڄ 10 رپيا آهي ته سڀاڻي اها شئي توهان کي 12 رپين ۾ ملندي، ٻئي ڏينهن اها شئي 14 رپين ۾ ملندي، افسوس جي ڳالهه ته اها آهي جو حڪمران صرف پنهنجي خزاني جي سوچي رهيا آهن غريب ماڻهن بابت ڪير به سوچڻ وارو ناهي.

عمران خان جڏهن اقتدار ۾ آيو ته بقول ان جي قومي خزانو خالي هو، ملڪي معيشت تباهي طرف وڌي رهي هئي، پر ان کان اڳ ايندڙ حڪومتن به جڏهن اقتدار سنڀاليو انهن جو راڳ به ساڳيو هيو، مطلب ته هر ايندڙ حڪومت ويندڙ حڪومت تي تنقيد ڪندي رهندي آهي، پر هن ڀيري ڪجهه وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيو جو جيئن عمران سرڪار اقتدار ۾ آئي، احتساب جي نالي تي اپوزيشن خلاف هڪ محاذ کوليو ويو جيڪو اڄ تائين جاري آهي، ڪيترائي اپوزيشن اڳواڻ جيلن ۾ آهن، ڪيترائي سزا کائي رهيا آهن ۽ ڪيترائي بنا سزا جي جيلن ۾ قيد ڪاٽي رهيا آهن ۽ اڃا به حڪومت چئي رهي آهي ته وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون.

سوال اهو آهي ته آخر انهن گرفتارين سان ٿيو ڇا؟ وڏا وڏا سياستدان جيلن ۾ آهن، ڇا ان سان معيشت ۾ بهتري آئي، ڇا ان سان غريبن جي پريشانين ۾ گهٽتائي آئي پر نه ائين نه ٿيو، آءِ ايم ايف سميت ڪيترن ئي ملڪن آڏو ڪشڪول ٽنگڻ باوجود اسان اڄ به ساڳئي جاءِ تي بيٺا آهيون جتي 11 مهينا اڳ ۾ عمران سرڪار جي اچڻ وقت بيٺا هئاسين، پر ٿيو اهو آهي جو مهانگائي جي شرح ۾ انتهائي اضافو ٿيو، غريب ته اڳ ئي ماني ڳڀي لاءِ پريشان هئو پر هاڻي ته سفيد پوش ماڻهو جيڪي 30 کان 40 هزار يا 50 هزار ڪمائيندا هئا اهي به ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، سوئي گئس، بجلي، پيٽرول، ڊيزل، اٽو، گيهه، تيل، سبزيون، فروٽ مطلب ته عام واهپي جي هر شئي مهانگي ۽ انتهائي مهانگي ٿي وئي آهي، آخر عوام سوال ڪري ٿو ته مال کائي ويا ٻيا، انهن کان ڪير پڇا ڪرڻ وارو ناهي، سياستدان پيا هن جيل ۾، آمريت واري دور ۾ جن  به ملڪ هلايو انهن کان سوال ڪرڻ جي جرئت عمران خان ۾ نه هئي نه وري ٿيندي، اهي پرڏيهه ۾ ويٺا آهن ۽  هتي عوام جي ڳچي ۾ مهانگائي وارو تمغو ٽنگي ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

 

جڏهن کان عمران سرڪار اقتدار سنڀاليو آهي اڄ تائين صرف اپوزيشن تي تنقيد، گرفتاريون، ٻين ملڪن آڏو ڪشڪول ٽنگڻ ۽ واپاري طبقي سميت عام عوام تي ٽئڪس لڳائڻ واري ڳالهه کان سواءِ ڪجهه نئون ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي، پي ٽي آءِ ڪپتان عمران خان ته صرف 100 ڏينهن ۾ ملڪ جي حالت تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو هو، 1 ڪروڙ گهر 50 لک نوڪريون…….. ڇا ٿيو اهڙن واعدن جو؟؟ جيڪڏهن سوال ڪجي ٿو ته پوءِ غداري جا ليبل لڳي ٿا وڃن.

عمران سرڪار  ۽ سندس ڪارڪن جن ۾ چونڊيل نمائندا به شامل آهن، اڄ تائين ساڳئي ٻولي ڳالهائن ٿا جيڪا ڪنٽينر تي بيهي استعمال ڪئي وئي هئي، اڄ به  ساڳيو لهجو ٻڌي حيراني ٿيندي آهي ۽ خبر ناهي پوندي ته حڪومت ۾ڪير آهي ۽ اپوزيشن ڪير هلائي رهيو آهي؟ اهڙين ڳالهين تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن موجوده سرڪار صرف الزام بازي ۾ وقت ضايع ڪيو ته ايندڙ وقت اڃا به مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿو، غريب عوام ۽ سفيد پوش ماڻهو پنهنجا گهر هلائڻ پنهنجن ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني کارائڻ لاءِ پريشان آهن، خدارا حڪومت کي ان باري ۾ سوچڻ گهرجي………. عمران خان کان ڪير سوال ته ڪري ته لٽيو ملڪ ٻين ان جو ڏنڊ ڀري عوام………..!!  اربين رپين جون جائيداد ٺاهي پرڏيهه هليا ويا، هتي ڏچي ۾ عام عوام…..!!  عمران خان يا سندس وزيرن کي ته اها به خبر نه هوندي ته اٽو ڪئين ڪلو ملي رهيو آهي، گيهه ۽ تيل جا گهه ڇا آهن؟  ڪڪڙ ته کائڻ کان وئي پر هاڻي دالين ۽ سبزين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، رپئي جي قدر وڃي ته گهٽجندي، هزار جو نوٽ سو رپين جي برابر ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن جي گهرن جي صورتحال ڇا آهي ان جو اندازو ائيرڪنڊيشنڊ گهرن ۾ ويهي لڳائڻ مشڪل هوندو، عمران خان هڪ جلسي ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته وزيراعظم جي پگهار هڪ مزدور جيتري پگهار هجڻ گهرجي، اڄ غريب مزدور جي پگهار  17 هزار رپيا آهي  ڇا عمران خان 17 هزار ۾ پنهنجو گهر هلائي سگهندو؟  ٻارڙن جي اسڪون جي ڳري فيس ڀري سگهندو… سوچڻ سان ئي لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن ته آخر غريب وڃي ڪيڏانهن…….. آخر غريب ڪنهن کي دانهن ڏئي……………؟؟؟؟

Leave A Reply

Your email address will not be published.