سور پٽيندي صديون گذريون

مقصود جوکيو

امن طور سڃاتي ويندڙ سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي سدائين ظالمن يلغار ڪري ڌرتي ڌڻين کي ڦريو ۽ لٽيو آھي، پر ان جي باوجود صوفياڻي سرزمين صدين کان قائم آھي، هن وقت دنيا ترقي واري دور مان گذري رهي آهي، پر امير سنڌ جا وارث ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھن، 75 ٽيڪس آمدني ڏيندڙ سنڌ جا ماڻھو بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن ۽ فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور آھن، سنڌ توڙي جو وسيلن ۾ خود ڪيفل صوبو آھي، تنهن باوجود سنڌ جا وسيلا به سنڌ جي قسمت بدلائي نه سگهيا آهن، قدرتي وسيلن سان مالامال هئڻ باوجود سنڌ اڄ به ترقي نه ڪري سگهي آھي ۽ سنڌ تي ڌارين جو قبضو   آھي، جنهن جي ڪري سنڌ جي مالڪن سنڌين کي انهن مالي وسيلن کان محروم رکيو ويو آھي، ڪيترائي سنڌ جا نوجوان بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڪري خودڪشيون ڪري رهيا آھن ته ڪيترائي خاندان وري پنهنجن ٻچن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن، سنڌ جي مالي وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي ويا آهن، جن کي سنڌ جي واڳ ڌڻين جي حال تي ڪوبه رحم نٿو اچي ۽ اهي ڄڻ اکين کان انڌا ۽ ڪنن کان ٻوڙا ٿي ويا آھن، جنهن ڪري مجبور ۽ مسڪين ماڻھو هر روز ڳڀي ٽڪر لاءِ جئي ۽ مري رهيا آهن، جڏهن ته وسيلن تي قابض مفاد پرست ڌريون پنهنجي ذاتي مفادن جي ڪري سنڌ جي غريب مسڪين ماڻھن کي پنهنجي حقن کان محروم رکي پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سوديبازي جون سازشون ڪري رهيا آھن.

هتي آئون ڳالهه ڪندو هلان ته ڌاٻيجي مل ايريا ۾ مقامي سنڌي پورهيتن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا ماڻھو گهرائي ڀرتي ڪيا پيا وڃن، مقامي ماڻهو بک، بدحالي ۽ فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پر هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ سياسي سماجي پارٽيون به خاموش بڻيل آهن، هڪ رپورٽ موجب ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽرين، پاور ونڊ پلانٽ، انڊس مل سميت ٻين ننڍن وڏن ڪارخانن ۾ مقامي سنڌي ماڻھن لاءِ روزگار جا دروازا مڪمل طور تي بند ڪيا ويا آهن، هتان جا ماڻھو بک، بدحالي ۽ فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جنهن سبب هتان جي پورهيتن نوري آباد، لانڍي مل ايريا، ڪوٽڙي مل ايريا ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن.

ڌاٻيجي تعلقو مل ايريا جي حوالي سان 3 نمبر تي هوندو هو، پر افسوس جو هتان جا ماڻھو هن دور ۾ دربدر واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھي، جڏھن ته ھلندڙ فيڪٽرين جي اندر پنجاب جا پورهيت ۽ ٻاهرين مين گيٽن تي ايف سي جا رٽائر اهلڪار بيهاريا ويا آهن، جيڪي وانا، وزيرستان ۽ فاٽا سان تعلق رکن ٿا، جن کي سواءِ پشتو کان ٻي ڪا به ٻولي ڳالهائڻ نٿي اچي، اهي هر وقت مقامي پورهيتن سان ناروا سلوڪ ڪن ٿا، هتان جي فيڪٽرين ۾ ليبر قانون تي به عمل نٿو ڪيو وڃي، ڪجهه فيڪٽري مالڪ پنهنجون فيڪٽريون ختم ڪري اتي زراعت ۽ پلاٽنگ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ هتان جي فيڪٽري مالڪن کي 14 کان 16 ايڪڙ زمين صنعت لڳائڻ لاءِ ڏني وئي هئي، ان زمين تي صنعتون بند ڪري اتي هاڻ فصل لڳائڻ ۽ پلاٽنگ شروع ڪئي وئي آهي.

منهنجي هتان جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن عادل شاهه، گلزار شاهه، آصف جوکيو، البچايو ڪلمتي، مصطفيٰ ساريو سان ڪچهري پئي ٿي، هنن صنعتن ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ واري عمل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پئي چيو ته ڌاٻيجي جي فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏهن ڪوبه پورهيت انهن خلاف ڳالهائي ٿو ته انتظاميا مقامي وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن سان ملي ڀگت ڪري پورهيتن کي هيسائي ماڻهن کي ڊيڄاريندي رهي ٿي، جنهن جي ڪري هتان جا پورهيت بک،  بدحالي ۽ فاقاڪشي جي ورچڙهي ويا آهن ۽ هاڻي هو مجبور ٿي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي رهيا آهن، پر افسوس ته هتان جي ڪنهن به ايم پي اي يا ايم اين اي انهن جي سار نه لڌي آهي. هنن صنعت واري وزير کي اپيل پئي ڪئي ته بند پيل فيڪٽريون هلائي مقامي پورهيتن کي روزگار ڏنو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.