بلاول پنهنجي ٻڏندڙ سياست جو الزام ادارن تي نه هڻي: فردوس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٻڏندڙ سياست جو الزام ادارن تي نه پر پيءُ ۽ پڦي تي هڻي. ٽويٽر تي بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنڌ جو عوام انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا خلاف اٿي بيٺو آهي،  گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست جو واضح خوف رات 12 وڳي بلاول ڀٽو زرداري جي انگريزي ۾ رڙين جي صورت ۾ نظر آيو، هو پنهنجي ٻڏندڙ سياست جو الزام ادارن تي نه پر پنهنجي پيءَ ۽ پڦي تي هڻي.  هن چيو ته جيڪا چونڊ کٽن اها آزاد ۽ جيڪا هارائين اها ڌانڌلي سٽيل، اها سياسي منافقت نه ته ڇا آهي، رات جي اوندهه ۾ پريس ڪانفرنس چور مچائي شور هو، بلاول ڀٽو زرداري سياسي ڊرامي بازي بند ڪري ۽ پنهنجي صوبي ۾ مرندڙ ٻارڙن جو حساب ڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.