عمران خان ججن تي دٻاءُ وجهندڙ مافيا جو حصو آهي: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ججن تي دٻاءُ وجهندڙ مافيا جو حصو آهي. وزيراعظم عمران خان جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان ان ئي مافيا جو حصو آهي جيڪا پنهنجي سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ ۽ سزائون ڏيارڻ لاءِ ججن تي دٻاءُ وجهندي آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي سياسي مخالفن کان بدلو وٺڻ لاءِ ادارن کي استعمال ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان ادارن کي بدنامو ڪري ٿو، کيس شرم اچڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته جيڪا ڪريل سازش نواز شريف کي سزا ڏيڻ ۽ ميدان کان ٻاهر رکڻ لاءِ ڪئي وئي عمران خان تنهن ۾ شامل ۽ ڏوهاري آهي. مريم نواز چيو ته عمران خان جو خوفناڪ چهرو جج سموري دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو آهي، هو سليڪٽڊ هو هاڻي سندس ڪريل ڪردار تي به ٺپو لڳي ويو آهي، هاڻي هو پنهنجي وڏن جي پويان نه لڪي. هن چيو ته ظلم ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرايا ويا، سياسي انتقام جون حدون پار ڪيون ويون پر نواز شريف کي ٽوڙڻ ۽ جهڪائڻ جو خواب ڏسندڙ اڄ به ناڪام آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.