رپورٽ: نوابشاهه: شاهپورچاڪر-سانگهڙ روڊ تي حادثو، 10 ڄڻا فوت ، 24 زخمي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: نوابشاهه: شاهپورچاڪر-سانگهڙ روڊ تي حادثو، 10 ڄڻا فوت ، 24 زخمي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: نوابشاهه: شاهپورچاڪر-سانگهڙ روڊ تي حادثو، 10 ڄڻا فوت ، 24 زخمي

نوابشاهه ويجهو  شاهپورچاڪر-سانگهڙ روڊ تي حيانءُ ڏاريندڙ روڊ حادثو پيش آيو آهي جنهن ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ 24 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ شرف الدين بُگٽي ڀرسان تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چنگچي رڪشا ڊرائيور سوڌو 10 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ پهتيون، ريسڪيو آپريشن دوران ڪلٽي ٿيل بس کي ٻن حصن ۾ ڪٽڻ بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ويو.

مسافر بس ۽ چنگچي رڪشا وچ ۾ ٿيل المناڪ حادثي ۾ کوکر برادري جي هڪ ئي ڪٽنب جي ستن ڀاتين سميت 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

فوتين ۾ نسيما زال خالد کوکر، صغير خاصخيلي، زبيدا کوکر، سعديه کوکر،  ثريه کوکر، عامر کوکر، عائشه  ،  ،يوسف کوکر ،عليشا ، شبانه  سميت 10 ڄڻا شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ چنگچي تي سوار کوکر برادري سان واسطو رکندڙ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جيڪي پاڻ ۾ مائٽ هئا.

پوليس موجب فوتي ڪٽنب رڪشا ۾ سوار ٿي  کڏڙي کان شاهپور چاڪر وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.