سڄڻ توکي خبر ڪھڙي ؟

شاهنواز ڀٽي

سانئڻ نورالھدا شاھ چيو خرچ لاء بابا امان کي پيسا ڏنا پر ٿورا ھا امان اڇلائي ڇڏيا۔سائين جناب جي ايم سيد ماٺ ڪيو ٻاھر ھليو ويو۔ پر ناراض نھ ٿيو جي ايم سيد گھر واري جا زيور ڪپائي ڪتاب ڇپرايا ۽ مفت ورھايا جلال شاھ  تون جناب جي ايم سيد کان غريب آھين جو جناب جي ايم سيد جو بنگلو ٿو کپائين ۽ ورئين چوين ٿو تھ  اسان جو ذاتي معاملو آ او جناب جي ايم سيد سڀني سنڌين جو ابو ھو ان جي ملڪيت کي تون پنھنجي ملڪيت چئين ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي ۽ چوين ٿو جي ايم سيد کان پوء حيدر منزل تي ڪارڪنن ڪون ايندا ھئا۔

ڇا تو وٽ اچن تون ته جي ايم سيد کي ڪون سڃاتو آء جناب جي ايم سيد چيو ھو منھنجي جدوجھد ته جنمن جي جدو جھد آھي جيڪا جاري رھندي سو تو يڪدم وساري ڇڏيو ته جدو جھد ختم ٿي وئي اڃا ته اھو مرحلو اھو آيو ئي ڪونھي اڃا ته صفون ٻڌجن ٿيون ۽ ڊھن ٿيون ھڪڙي ڏينھن ته پچي ٺھي راس ٿينديون ۽ پوء اھو ڪجھ ٿيندو جنھن جو خواب جناب جي ايم سيد ڏٺو ھو.

ھو نيٺ ته اچڻي آء

رت ڇاڻ جي ھولين ۾

۽ پوء جناب جي ايم سيد جي عظمت جو مينار کڙو ٿيندو جيڪو ھماليا جبل کان مٿي ھوندو اڃا ته سنڌي قوم سائين جي ايم سيد جي فڪر کي سمجھو ته ڪونھي پر پڙھيو به ڪونھي اي جلال شاھ جناب جي ايم سيد جي ڏاھپ ته ڏس جنھن پنھنجو سياسي جان نشين ئي مقرر نه ڪيو ھو ته سڄي سنڌ جي نوجوانن کي پنھنجو جانشين ڪري ويو آھي. سمجھيو ڇا اٿو جناب جي ايم سيد کي آزادي جون جنگيون ته صديون ھلنديون آھن پر اسان ته ٿوري عرصي ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي چڪا آھيون ان جو مثال اھو آھي ته جمائت اسلامي پ پ پارٽي مسلم ليگ جيسين سنڌ ۾ جئي سنڌ نٿي چوي تيسين ان کي عزت ئي نٿي ملي پر اھو ڪڏھن غور ڪيو اٿئي سن ۾ الڳ الڳ ڪيترا جلسا ٿين پر ڪارڪنن جي پاڻ ۾ ڪيتري محبت آھي ڪڏھن اندازو ڪيو اٿو ھو ته سر تري تي رکي سن پنھنچندا آھن ۽ جن جا انگل آرا سائين جي ايم سيد اکين تي رکندو ھو ۽ توھان انھن ڪارڪنن جي دل آزاري ڪئي مون کي ته يقين ئي نٿو اچي ته تون اھو جلال شاھ آھين جيڪو جناب جي ايم سيد جي چاليھي تي پاڻ پاٽوڙا کڻي اسان جھڙن ڪارڪنن کي ماني پيو کارائي اي شاھ قسم آھي جناب جي ايم سيد جي سر جو اسان جي دل ته توھان لاء دڙڪندي آھي توھان تي ڪو ھٿ ابتو ڪندو اسان ان جي ٻانھن وڊڻ وارا آھيون توڙي جي اڄ اسان جي اکين ۾ رت جا ڳوڙھا آھن.

جلال شاھ پاڻ کي تون سڃون ٿو سمجھين جو حيدر منزل کپائي ان وٺي ٻچا تاتيندي اي جلال شاھ ھي سڄي سنڌ تنھنجي ملڪيت آھي اسان سنڌين جي ملڪيت آھيان قريب ڌارين کي سنڌ مان ڪڊبو توکان تاريخ وسري وئي آھي ڇا اڄ ڪو عرب آھي ڪو ازبڪب آھي ڪو تاتاري يا پورچو گيز آھي سڀاڻي به ھن سنڌ ۾ رڳو سنڌي ئي ھوندا تيري ميري ڪرڻ وارا ڳولھي به ڪون لڀندا ڇو ته تيري ميري ڪرڻ وارن جي ڌرتي ئي ڪونھي پر ھن ڌرتي تي سنڌي قوم جا پير کتل آھن ڏکيا وقت ايندا ويندا آھن ڌاريا ڳولئي به ڪون لڀندا پڪ ڄاڻي اھو تاريخ جو فيصلو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.