حافظ سعيد پنهنجي خلاف دهشتگردي جي ڪيسن کي چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پابندي مڙهيل جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد پنهنجي خلاف داخل دهشتگرديءَ جي ڪيسن تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. حافظ سعيد، عبدالرحمان مڪي، امير حمزا ۽ محمد يحيٰ سميت ستن درخواست ڪندڙن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪندي وفاقي سرڪر، پنجاب حڪومت ۽ ريجنل هيڊ ڪوارٽر سي ٽي ڊي کي ڌر بڻايو آهي. حافظ سعيد ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته مٿن داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن، حافظ سعيد جو لشڪر طيبا سان ڪو به تعلق ناهي، سندن القاعده يا ڪنهن ٻئي اهڙي پارٽي سان ڪو واسطو ناهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هو رياست خلاف قدمن ۾ هرگز ملوث نه آهن، انڊين لابي طرفان حافظ سعيد تي ممبئي حملن ۾ ملوث هئڻ جو بيان حقيقت جي ابتڙ آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.