پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٽريڪ ٽو ڳالهيون اسلام آباد ۾ شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ ڀارت ٽريڪ ٽو ڳالهين جو پهريون دور اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٽريڪ ٽو ڳالهين جي شروعات ٿي وئي آهي.  ٽريڪ ٽو ڳالهين جو پهريون دور اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ پاڪ ڀارت عملدار شريڪ آهن.  پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهيون غير سرڪاري سطح تي ٿي رهيون آهن ۽ پهريون دور ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو. پهرين ڏينهن پاڪ ڀارت لاڳاپن جو جائزو وٺڻ لاءِ ورڪنگ سيشن  ڪوٺايو ويو آهي، ٽريڪ ٽو ڳالهيون ريجنل پيس انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ ٿي رهيون آهن. ڳالهين جو بنيادي مقص ٻنهي ملڪن جي نوجوانن کي امن طرف آڻن آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۾ لاڳاپان جي بهتري جو رستو ٽريڪ ٽو سفارتڪاري آهي،  ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳوڻن سفيرن به شرڪت ڪئي.  پاڪ ڀارت ٽريڪ ٽو ڳالهين جو ٻيو دور سيپٽمبر ۾ نئين دهلي ۾ ٿيندو ۽ فيبروري کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ هي ڳالهيون نهايت  آهن. ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن موجب ڇڪتاڻ سبب ڀارتي جهازن لاءِ هوائي حدون اڃا تائين بند آهن، ڀارت کي جواب ڏنو آهي ته ايئر بيس ڪليئر ۽ جنگي جهاز هٽائڻ تائين هوائي حدون نه کوليون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.