لاهور جي واپارين هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو ، ڪراچي اليڪٽرونڪس ڊيلرز هڙتال جي اعلان تي قائم

لاهور/ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت ۽ پاڪستان ٽريڊرز الائنس وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون جنهن کانپوءِ واپاري اڳواڻن 13جولائي تي هڙتال جي ڪال واپس وٺي ڇڏي آهي جڏهن ته ڪراچي اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسيئشن سڀاڻي دڪان بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

لاهور ۾ وزيراعليٰ پنجاب جي آفيس ۾ پنجاب حڪومت ۽ پاڪستان ٽريڊرز الائنس وچ ۾ 7 ڪلاڪن تائين ڊگهيون ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ لاهور جي ڪاروباري برداري ڇنڇر واري ڏينهن هڙتال واري معاملي تي ورهايل نظر آئي، ڳالهين کانپوءِ ٻن ڌرين سڀاڻي واري هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو.

 

ان موقعي تي پنجاب جي صنعت واري وزير اسلم اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه مفاد پرست سياستدانن کي هڙتال ڪامياب بڻائڻ نه ڏينداسين.

 

هن چيو ته ڪجهه تنظيمون سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگينڊا ڪري رهيون آهن، سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط رڳو مين ڊيلرن لاءِ آهي جڏهن ته گهٽي، پاڙي ۾ ڪاروبار ڪندڙ ننڍن دڪاندارن تي ڪو به ٽيڪس ناهي هنيو ويو.

 

ٻئي پاسي ڪراچي اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسيئشن سڀاڻي دڪان بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته فيصل آباد ۾ پروسيسنگ انڊسٽري جي بندش به پهرين جولائي کان برقرار آهي.

 

قبائلي ضلعن ۾ به اسٽيل ملون پهرين جولائي کان بند آهن ۽ ڏهه هزار پورهيت بيروزگار آهن.

 

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به واپاري تنظيمن جي ملڪ گير هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 

واضح رهي ته بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس ۾ واڌ خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ واپارين جو احتجاج ۽ هڙتال جاري آهي جڏهن ته آل پاڪستان انجمن تاجران به 13 جولائي کان سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.