احسن اقبال جي ڀاءَ تي شهباز شريف جي نوازشن جي تفصيل تيار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جي ڀاءَ تي شهباز شريف جي نوازشن جي تفصيل تيار ڪئي وئي، اِها تفصيل وزير اعظم جي خاص ڪميشن ڏانهن موڪلي ويندي.

تفصيل موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف احسن اقبال جي ڀاءَ تي ڪهڙيون ڪهڙيون نوازشون ڪيون، ان جي تفصيل تيار ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته دستاويز وفاقي وزير مراد سعيد طرفان ڪميشن ڏانهن موڪليا ويندا.

دستاويزن موجب شهباز شريف مصطفيٰ کي پهرين هارٽي ڪلچر بابت چيئرمين ٽاسڪ فورس بڻايو، اڳوڻي وڏي وزير اختيارن جو غلط استعمال ڪري ميٽرو بس جو ٺيڪو به ڏياريو.

دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته لبرٽي مارڪيٽ پارڪنگ سميت ڪيترن ئي وڏن منصوبن جا ٺيڪا به ڏنا ويا، ان عمل ۾ پيپرا رولز کي گڏي گند پيٽي ۾ اڇلايو ويو، پنجاب يونيورسٽي جو ڪنٽريڪٽ به شهباز شريف جي چوڻ تي ڏنو ويو.

ريڪارڊ موجب احسن اقبال جي ڀاءَ مصطفيٰ کي خلاف ضابطا 5 ڪنٽريڪٽ ڏنا ويا، سمورا ٺيڪا ڏيڻ ۾ پيپرا رولز جي واضح ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.