ميراڻي گينگ گرفتار…..!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر ۾ پوليس ڪارروائي دوران سرڪاري گاڏي چوري ۽ ڦرڻ جي واداتن ۾ ملوث 6 رڪني گروپ کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن وٽان 2 ڪلاشنڪوفون، 3 پستون، 3 گاڏيون، ڪيتريون ئي ڪوڙيون نمبر پليٽون هٿ ٿيون آهن.

تفصيل موجب ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي سرڪاري گاڏي چوري ۽ ڦرڻ وارين وارداتن ۾ ملوث ميراڻي گروپ جي 6 جوبدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي موجب گرفتار جوابدارن ۾عبيد الله ميراڻي، محمد ياسين، محمد علي ميراڻي، جاويد، رضا ۽ ياسين شامل آهن، جوابدارن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوفون، 3 پستول، 3 گاڏيون، ڪيتريون ئي نمبر پليٽون ۽ گاڏين جي سگنل کي روڪڻ وارو ٽريڪر به هٿ ٿيو آهي.

ايس ايس پي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جوابدار ڊيفنس، ڪلفٽن ۽ بهادر آباد ۾ ڌاڙي ۾ به ملوث رهيو، جوابدار بينڪ مان نقدي ڪڍي نڪرندڙن کان به ڦرلٽ ڪندا هئا.

هن ٻڌايو ته گروپ کي اي سي ايل سي مقابلي کان پوءِ گرفتار ڪيو، هڪ جوابدار ڪراچي منتقل ڪندي پوليس موبائيل حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو، جوابدارن جي نشاندهي تي سچل مان ڦريل هڪ گاڏي به هٿ ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.