سوني، ايپل، سام سنگ ۽ هواوي کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ تيار

ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ ) جيڪڏهن موبائل فونز جي ڊيزائنز بابت هڪ ڏهاڪو پوئتي هليو وڃجي ته ان زماني فولڊ ايبل فون تمام گهڻو نظر ايندا.

اڄڪلهه جي دور ۾ نئين سٺي ڊيزائن جا فون متعارف ڪرائڻ ۾ ڪمپنيون هڪ ٻئي کان گوءَ کڻڻ ۾ رُڌل آهن.

موبائل فونز تيار ڪندڙ وڏين ڪمپنيون، ايپل، سامسنگ ۽ هواوي جتي هڪٻئي کي فون جي معيار ۽ ڪيمرا ۾ هڪٻئي کان پوئتي ڇڏڻ جي گوءَ ۾ لڳل آهن اتي ئي اهي ڪمپنيون موبائل فونز جي ڊيزائن ۾ به هڪٻئي جون مخالف سمجهون وينديون آهن ۽ هن وقت اهي ٽئي وڏيون ڪمپنيون فولڊ ايبل فونز ٺاهڻ ۾ مصروف آهن.

پر هاڻ خبر سامهون آئي آهي ته جپاني ملٽي نيشنل ڪمپني سوني به ايپل، سام سنگ ۽ هواوي جي ٽڪر جو فولڊ ايبل فون تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽن موجب سوني هلندڙ سال جي آخر يا وري 2020ع جي شروعات ۾ فولڊ ايبل فون متعارف ڪرائيندو .

جيتوڻيڪ فون جا گهڻا تفصيل سامهون ناهن آيا، پر رپورٽون آهن ته سوني جي فولڊ ايبل فون سنيپ ڊريگون 855 ۽ ڪوالڪوم ايڪس 50 سان ليس هوندو، جنهن سبب اهو فون فائيو جي سپورٽ پڻ هوندو.

رپورٽن آهن ته سوني جي فولڊ ايبل فون ۾ ايل جي ڪي اسڪرين استعمال ڪئي ويندي جڏهن ته ان جي ڪيمرا کي به سوني جي ٻين فونن جي ڀيٽ ۾ بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ان ۾ نوان فيچر شامل ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.