نيوزيلينڊ هٿان ڀارت جي هار تي پاڪستاني فنڪار به خوش

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ هٿان ڀارت جي شرم جوڳي هار تي پاڪستاني فنڪارن به خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ ڀارت جو عالمي ڪپ کٽڻ وارو خواب ٽٽي ويو ۽ ڀارت ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو.  ان موقعي تي پاڪستان ۽ والاريل ڪشمير ۾ جشن ملهايو ويو جڏهن ته پاڪستاني فنڪارن به نيوزيلينڊ جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو.

اداڪار فهد مصطفيٰ نيوزيلينڊ جي ڪاميابي تي خدا جو شڪريو ادا ڪندي پاڪستان زنده آباد جو نعرو هڻندي چيو ته ڀارت جي هار کانپوءِ عالمي ڪپ هاڻ سندس لاءِ آفيشلي ختم ٿي ويو. ان سان گڏوگڏ هن نيوزيلينڊ جي رانديگرن جون تصويرون شيئر ڪيون ۽ کين پنهنجو هم وطن قرار ڏيندي واڌايون ڏنيون. تصوير ۾ نيوزيلينڊ جي رانديگرن کي پاڪستاني ڪٽ پاتل ڏيکاريو ويو آهي.

اداڪار فيصل قريشي ڀارت جي هار تي ڀارتي پائيلٽ اڀينندن جو جملو ورجائيندي لکيو ” دا ٽي واز فنٽاسٽڪ “ ان سان گڏ ئي هن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ مزاحيه تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪوهلي ميدان تي لٽيل ۽ ڀارتي اداڪارا ۽ سندس گهرواري انوشڪا شرما ڏک واري انداز ۾ سندس ڀرسان ويٺل نظر اچي رهي آهي.

اداڪار گوهر رشيد ڀارتين تي طنز ڪندي لکيو ته اچو پاڙيسڙي گڏجي پيزا برگر کائون.

اداڪار همايون سعيد ميچ کانپوءِ ٻنهي ڪپتانن جون هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ واري تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ڀارت سٺو کيڏيو پر اهو واضح طور نيوزيلينڊ جو ڏينهن هو.

اداڪارا مهوش حيات به نيوزيلينڊ کي شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي واڌايون ڏيندي لکيو ته اڄوڪي ميچ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڪرڪيٽ هڪ غير متوقع راند آهي پر اڄ هڪ بهترين ٽيم ڪامياب ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.