ايراني ٻيڙين جي برطانوي آئل ٽينڪر کي روڪڻ جي ڪوشش

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي حڪومت جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني ٻيڙين برطانوي آئل ٽينڪر جي رستي ۾ رنڊڪ وجهڻ يا ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب حڪومت ترجمان ٻڌايو آهي ته ٻيڙين وچ اوڀر ويجهو آبنائي هرمز ۾ برطانوي آئل ٽينڪر جي رستي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي برطانوي آل ٽينڪر طرفان ايراني ٻيڙين کي خبردار ڪيو ويو .

برطانوي اختيارين ايران جي ايڪشن کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته برطانوي آئل ٽينڪر کي روڪيندڙ ٻيڙين جو تعلق ايران جي انقلابي گارڊ سان آهي جنهن جي اهلڪارن وچ اوڀر جي آبنائي هرمز ۾ آئل ٽينڪر تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي.

ميڊيا رپورٽن موجب آئل ٽينڪر جي نگهباني تي مقرر جهاز طرفان ايراني ٻيڙين کي پوئتي هٽڻ جو حڪم ڏنو ويو جنهن تي انهن طرفان ڪنهن به قسم جي فائرنگ ناهي ڪئي وئي.

برطانوي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز کان ٽن ايراني ٻيڙين برطانوي ورثي جي ڪمرشل جهاز کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

ترجمان ايران جي ڪارروائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ايراني اختياين تي خطي ۾ ان صورتحال کي گهٽ ڪرڻ تي به زور ڏنو .

ٻئي پاسي ايراني انقلابي گارڊ جي ترجمان طرفان برطانوي جهاز کي روڪڻ جي آمريڪي ۽ برطانوي دعويٰ جي ترديد ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جبرالٽر ۾ برطانوي حڪومت ايراني آئل ٽينڪر کي پڪڙيو جنهن ايران برطانيا کان آئل ٽينڪر کي ڇڏڻ جي مطالبو ڪيو هو ۽ ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.