ٻيو سيمي فائنل : آسٽريليا جو انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

برمنگهم ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع جي ٻئي سيمي فائنل ۾ اڄ آسٽريليا انگلينڊ خلاف  ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

آسٽريلوي ڪپتان آئن مورگن ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اڄوڪي ميچ دلچسپ ٿيندي.

ٻئي سيمي فائنل لاءِ آسٽريلوي ٽيم ڊيوڊ وارنر، ايرون فنچ ( ڪپتان ) اسٽيو اسمٿ، پيٽر هينڊس ڪومب، مارڪس اسٽوئنس، گلين ميڪسويل، ايلڪس ڪيري ( وڪيٽ ڪيپر( پٽ ڪيومنس، مچل اسٽارڪ، جيسن بينڊروف ۽ نيٿن ليون تي ٻڌل آهي.

انگلش ٽيم ۾ جيسن راءِ، جوني بيئرسٽو، جو روٽ، آئن مورگن ( ڪپتان ) بين اسٽوڪس، جوز بٽلر ( وڪيٽ ڪيپر ) ڪرس ووڪس، ليم پلنڪٽ، جوفرا آرچر، عادل رشيد ۽ مارڪ ووڊ شامل آهن.

واضح رهي ته ان کان اڳ کيڏيل رائونڊ ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم انگلينڊ کي شڪست ڏئي چڪي آهي.

انگلينڊ 27 ورهين کانپوءِ سيمي فائنل ۾

ميزبان ٽيم انگلينڊ پهرين پنجن عالمي ڪپس جي سيمي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي هئي جن مان ٽن ڪاميابي ۽ ٻن کيس ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو هو. پر 1992ع جي کان ويندي اڄ تائين انگلينڊ عالمي ڪپ ۾ ڪڏهن به ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.

 پر هن دفعي هوم ڪنڊيشن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي نه رڳو سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي پر ڪرڪيٽ ماهرن طرفان عالمي ڪپ کٽڻ لاءِ مضبوط اميدوار پڻ قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.