ٻن قبيلن ۾ جهيڙو، ڳورهاري عورت سميت 20 کان وڌيڪ مارجي ويا

 

پورٽ مورسبي (ويب ڊيسڪ) پاپوآنيوگني ۾ تشدد جي واقعن ۾ ڳورهاري عورت سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.

مقامي ميڊيا موجب ٻن قبيلن طرفان هڪٻئي تي حملا ڪيا ويا هئا. هيلا جي علائقي ۾ ٿيل ان ڏڦيڙ جي حوالي سان مختلف سبب سامهون اچي رهيا آهن.

رپورٽن موجب ان کان اڳ ڄاڻايل علائقي ۾ هڪ حملي ۾ 7 ڄڻن جي مارجڻ کانپوءِ عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.