ضرورت انسان پرست ٿيڻ جي آهي

درياءُ خان جهتيال

سنڌ سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ غربت پنهنجا ديرا ڄمايا آهن، پر ٻين مُلڪن جي حڪومت ۾ رهواسين جو ننڍي، وڏي پيماني تي خيال، عزت رکي ويندي آهي، انهن کي ننڍا، وڏا گهر رهائش لاءِ ڏيڻ سان گڏو گڏ ٻارڙن کي تعليم بہ مفت ڏني ويندي آهي، پر پاڻ وٽ اهڙو ڪجهہ ڪرڻ لاءِ حڪومت جا نمائندا ڳوليا ناهن لڀندا، ڇو جو انهن جو تعلق سياست ۾ پينگهي کان قبر تائين تہ ضرور هوندو آهي، 92 کان 95 سالن جي ڄمار تائين هو مرڪزي توڙي صوبائي اسيمبلي جا ميمر بہ رهڻ پسند ڪندا آهن پر انهن کان ماڻهن جو ماڻهپو ناهي رهندو، اُنهن ۾ احساسن جا جُزا ختم ٿي ويندا آهن، انهن سياستدانن، اسيمبلي ميمبرن توڙي اعلي منصفن جي ڪُرسي سان چنبڙيلن کان عام انسان جا درد ئي وسري ويندا آهن ان سموري دنياوي جا نتيجا ڀيانڪ نڪرندا آهن، انهن نتيجن ۾ عام ماڻهو جا جذبا مجروح ٿي ويندا آهن، انهن جون زندگيون عذاب ٿي وينديون آهن، انهن جي خواهشن جو قتل ٿي ويندو آهن، انهن جا ٻچڙا هر بنيادي حق کان محروم هوندا آهن ۽ انهن جون اميدون رڳو اميدون ئي رهنديون آهن، جيڪڏهن عام ماڻهن سان اهڙو ظُلم هوندو تہ پوءِ اُن جي زندگي روڊن تي دربدر هوندي، اکين مان ڳوڙهن جي لار وهندي رهندي، جيڪا رڪجندي نہ، انهن وهندڙ اکين ۾ سوين درد سمايل هوندا جيڪي انهن مظلوم انسانن کي تڪليف ڏيندا رهندا، سنڌ ۾ اهڙن دردن سان ڀريل غريبن جي دنيا آهي جيڪي روڊن تي پاڻ کي اهو ڏيکارين پيا تہ اسين اوهان جا آهيون، اسانجا بہ احساس آهن، اسانجا بہ حق آهن، اسان بہ انسان آهيون، اهي انسان جن جي سيني ۾ دِل آهي، جن وٽ خواهشون آهن جن جي قيمت تمام گهٽ آهي، اسان جا ٻہ ٻچڙا آهن جيڪي اسڪولن ڏانهن رڳو نهارڻ لاءِ سِڪن ٿا ڇو جو پڙهائڻ جي اسان ۾ سگهہ ناهي، اسان کي بُک بہ لڳندي آهي، اها بُک جنهن اسانکي پِنڻ سيکاري ڇڏيو آهي، اهڙيون دانهون سنڌ جا مسڪين ڪن پيا جيڪي دانهون ذميوار نہ پيا ٻُڌن، سنڌ اهڙن دانهن جو واحد مُلڪ بڻجندو پيو وڃي، جتي رڳو درد، تڪليفون ۽ انسانيت جي جذبن، خواهشن، اميدن جو قتل عام جاري آهي ۽ رياست تماشائي آهي، اهڙو تماشو ذميوارن، غيرذميواري سان حيدرآباد جي روڊن تي ٽندو محمد خان واسي جو بہ ڏٺو هوندو، سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر پاڙي جو پورهيت غربت، بُک ۽ بدحالي کان تنگ ٿي پنهنجي زندگي جي سهاري يعني پنهنجي ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ نِٽهڻ اُس ۾ حيدرآباد جي روڊن تي هوڪا ڏيندو رهيو، پورهيت محمد رفيق بلوچ پهريان تڪليفن سان جهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن تڪليفن اُن جو گهيرو تنگ ڪيو ۽ انهن جي اکين مان ڳوڙها نہ ٻيٺا تہ روئيندي روئيندي پنهنجا ٻڄا وڪڻڻ لاءِ حيدرآباد جا روڊ وسايا ۽ نہ ڏٺي تتي، نہ ڏٺي ٿڌي ۽ ٻچڙا وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيندو رهيو، هوائن جو شهر سڏيو ويندڙ حيدرآباد پنهنجي جاءِ تي سياسي مرڪز بہ آهي، هر پارٽي جا اڳواڻ توڙي اسميبلي ميمبر، حڪومت ۽ مخالف ڌُر جا ميمبر اتي رهن ٿا، انهن جا پگهاردار بہ ان شهر ۾ رهن ٿا پر ڪنهن جي بہ اکين پورهيت کي نہ ڏٺو، ڪنهنجي ڪنن پورهيت جي درد سان ڀريل دانهُن کي نہ ٻڌو، پورهيت محمد رفيق بلوچ حيدرآباد جي مصروف علائقي حيدر چوڪ تي ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن سان پنهنجي غربت تہ ڏيکاري پئي پر پنهنجي احساسن کي ماري پنهنجي جگر جي ٽُڪڙن جو وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا بہ پئي ڏنا، پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ڊرائيوري ڪندڙ پورهيت ٻڄا نہ پالي سگهڻ جي ڪري ڪجهہ بينڪن کان قرض ورتو ۽ پورهيو ڪندي ڪندي قرض لاٿو بہ پر هڪ ٻن بينڪن جي قرض پنائڻ تي ۽ ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ڇو جو سرڪار وٽ پورهيت محمد رفقيق بلوچ لاءِ ڪجهہ بہ نہ هو ان لاءِ هُن اهڙو قدم بہ کنيو، هُو بيروزگاري سبب پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گُذر نہ پئي ڪري سگهيو، هُن وٽ ماني، ڳڀي لاءِ ڪجهہ نہ بچيو، ڊرائيور وارو ڪم  بہ وڏي عمر هئڻ جي ڪري نہ پئي ڪري سگهيو، پر ٻچڙن جي پيٽ جو ڪجهہ تہ ڪرڻو آهي، خواهشون، اميدون تہ پوريون نٿيون ٿين پر پيٽ تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ گهرندو ضرور، پورهيت محمد رفيق بلوچ اکين مان رت پئي رنو، سندس جا ڪپڙا تہ بہ ڦاٽل هئا پر سندس معصوم 4 نياڻين  جي مٿي تي پوتي بہ نہ هئي، هُنن جي پيرن ۾ جُتي بہ نہ هئي، معصوم پُٽ جا ڪپڙا ڦاٽل تہ پير بہ اگهاڙا هئا، سندس گهر واري ڪمزو هئي، هي سڀ درد سنڌ جي رڳو هڪ پرهيت جا آهن جيڪو نٽهڻ اُس ۾ حيدرآباد جي روڊن تي پيٽ جي بُک پوري ڪرڻ لاءِ، غربت سان وڙهڻ لاءِ تڙپي رهيو هو، هُن جا معصوم ٻار ننڍڙن هٿن جي اشهد آڱر کڻي روڊ تان گذرندڙ ماڻهن کان خواهشون خريد ڪرڻ جي اپيل ڪري رهيا هئا، اهي سڀ منظر ڏسي سچ تہ اُن وقت اهو ئي خيال آيو تہ زمين ڇونہ ٿي ڦاٽي؟ آسمان ڇو نٿو ڇڄي؟ ڀلا قيامت اڃا ٻي هوندي آهي ڇا؟ انسان پيٽ لاءِ تڙپندو رهي ٿو ۽ رياست جا ٺيڪيدار وڏين، گاڏين، وڏن شهرن، وڏن بنگلن، وڏن ايوانن جا مزا پيا ماڻين، انهن ۾ انسانيت ذري جي بہ ناهي ان لاءِ محمد رفيق بلوچ جهڙا پورهيت پنهنجي معصوم ٻچڙن سان گڏجي وڏن شهرن جي وڏن روڊن تي دردبدري واري زندگي کي پيا اڃا وڌيڪ دربدر ڪن، احساس کان خالي، انسانيت کان اوجهل، وقت جا ويري رياستي سياستدان پينگهي کان قبر تائين سياست ڪري ڄاڻن پر پيٽ جي بُک جي لاءِ پريشان ماڻهن جي اندر کي سمجهي نٿا ڄاڻن، سندن وٽ اهڙي ڪا سياسي ڪُرسي ناهي جنهن تي ويهڻ سان عام ماڻهن کي انهن جا حق ڏئي سگهن، سنڌ ۾ غربت، بدحالي، مفلسي، بيوسي جي حالت اها آهي جو ٻچڻ جي ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست نہ ٿيڻ سبب قرض جي ڪري هڪ پيرسن والدين ٻڄا وڪرو ڪري پيو، پِني پيو، پر چونڊيل نمائندا پنهنجا ڀِڀ ڀرڻ ۾ پورا آهن، وڏا مُلڪ گهمڻ ۾ پورا آهن، ڄُنڊا پٽ ۾ پورا آهن، هڙ کائڻ ۾ پورا آهن، غريبن جا حق ڦٻائڻ ۾ پورا آهن، معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ ڌرتي جا ڌڻي اڄ جي دجالي دور ۾ دجال جي ظُلم جو شڪار آهن، ڪو والي وارث انهن جو ناهي، ان لاءِ آسي زميني جون اهي سٽون آهن:اي خدا تون هيٺ لهي آ، پنهنجو جوڙيل ڏيهہ ڏسي وڃ، مونکان هڪڙي ڳالهہ پڇي وڃ، پنهنجي هڪڙي ڳالهہ چئي وڃ، هڪڙا آهن وڏڙا ماڻهو، هڪڙا آهن ننڍڙا ماڻهو، تنهنجا آهن ڪهڙا ماڻهو؟، پنهنجن تي نشان هڻي وڃي، انسانيت جي ناتي اهڙن غريب پورهيتن کي تڙپائڻ بدران انهن کي حق ڏيو، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن جون تنظيمون وڏين هوٽلن ۾ سيمينار ڪرڻ بدران حقيقت پسند ٿي پوريت محمد رفيق بلوچ جهڙن غريبن جي مدد ڪن، حڪومتن ۾ ويٺل ۽ پينگهي کان قبر تائين سياست ڪندڙ انسان پرست ٿين ۽ پنهنجي خواهشن سان گڏ ٻين جي احساسن جو قدر ڪن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.