جاويد ميمڻ هڪ ارڏو انسان

امتياز چانڊيو

چيو مانس سائين توهان جسماني طور تي ڪمزور ٿي رهيا آهيو، چيائين مٺا بيماري ئي اهڙي آهي، علاج پيو هلي ۽ جيئڻ خاطر پيا وس ڪريون، دعا ڪريو معصوم ٻچا آهن، بيماري کي مات ڏيان ۽ ٻچن کي وڏو ڪري وٺان، منهنجي آخري ملاقات ارڏي انسان، يارن جي يار ۽ محبتي ماڻهو سکر پريس ڪلب جي صدر ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي اڳوڻي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر جاويد ميمڻ صاحب سان حيدرآباد ۾ ٿي هئي، جتان کان هو عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح صاحب سان گڏجي ڪراچي روانو ٿيڻو هو، مون کي ان وقت جاويد ميمڻ جي طبيعت ڏسي اهو ارمان پئي ٿيو ته ايڏو وڏو همٿ وارو انسان جيڪو سدائين ٻين لاءِ پيو جيئندو رهيو، ان کي بيماري ڪمزور ڪري وڌو آهي ۽ هو ڪيترو پريشاني واري حالت ۾ پيو زندگي جا ڏينهڙا وٺڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري.

منهنجو جاويد ميمڻ سان واسطو تڏهن پيو، جڏهن هو عوامي آواز ميڊيا گروپ سکر جو ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر هو، جڏهن به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي، هو مون سان ننڍي ڀائر وانگر پيار سان پيش ايندو هو ۽ حال احوال وٺندو هو، هو هڪ بهادر انسان هو، جهڙو اندر جو صاف تهڙو ٻاهران به، خدا کيس نفيس ۽ سهڻو انسان بڻايو هو، جاويد ميمڻ پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي مرضيءَ ۽ آزادي سان گذاري، ڪنهن جي ماتحت ٿي زندگي گذارڻ کيس پسند نه هئي، سندن اهڙين عادتن کيس ڪيترن ئي هنڌن تي نقصان به پهچايو، پر هن سدائين ڪنڌ مٿي ڪري گذارڻ کي پسند پئي ڪيو.

جاويد ميمڻ جيڪڏهن دوستي رکندو هو ته اها مثالي دوستي هوندي هئي، يارن سان هر تڪليف ۾ گڏ، جيڪڏهن ڪنهن دوست تي ڪا تڪليف اچي ۽ جاويد کي خبر پئي ته هي انسان ياري ۾ سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو، سندس اهڙين ئي خاصيتن جي ڪري هن جا سڄي ملڪ ۾ هزارن جي تعداد ۾ دوست هوندا هئا، جن سان هو آخري گهڙي تائين دوستي نڀائيندو رهيو.

سندس زندگي جي آخري سال ۾ هو جسماني طور تي ڪمزور ٿي ويو، پر سندس حوصلا بلند هوندا هئا، جيري جي ڪينسر سندس جيري کي کائي رهي هئي، هو بنا ڪنهن جي مدد وٺڻ جي پنهنجو علاج ڪرائيندو رهيو، هن خوشحاليءَ واري زندگي گذاري، پر ٻن اڍائي سالن کان وٺي ڄڻ سندس فيملي کي نظر لڳي وئي هجي، هو پاڻ بيمار ٿي پيو، سندس هڪ معصوم پٽ جهانزيب کي هيپاٽائيٽس ٿي وئي، پر سندس محنتن ۽ سٺي علاج ڪري هو صحتياب ٿي ويو ۽ ٻئي پٽ جي اک جو علاج هن ڪراچي مان پئي ڪرايو، هو سالن کان وٺي ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن اسلام آباد، ڪڏهن لاڙڪاڻو، ڪڏهن حيدرآباد ته ڪڏهن سکر جي اسپتالن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو، پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ 19 نومبر 1967ع ۾ پروفيسر ممتاز حسين ميمڻ جي گهر ۾ اک کوليندڙ جاويد ميمڻ جون 9 جولاءِ تي صبح جو هميشه لاءِ اکڙيون بند ٿي ويون ۽ هو دنيا کي الوداع چئي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ وڃي سمهي رهيو.

“جيئڻ لاءِ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا” جاويد ميمڻ کي ڊاڪٽرن جگر جي پيوندڪاري جي صلاح ڏني، هو بيوس بڻجي پنهنجن ٻچن خاطر اخبارن، ٽي وي ۽ فيس بڪ ذريعي ماڻهن کي مدد جي اپيل ڪندو رهيو، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته کيس ڊونر ملي نه سگهيو ۽ وڌيڪ جيئڻ جو ارمان پنهنجي دل ۾ کڻي ڪنهن کي ميارون ڏيڻ بجاءِ دعائون ڏيندي اسان سڀني کان موڪلاڻي ڪري ويو، سندس موت واري خبر صبح جو سوير جيئن ئي پئي ته سچ پچ ته مون سميت جاويد سان پيار ڪندڙن مٿان ڄڻ وڄ ڪري پئي، ڪفن ۾ ويڙهيل بند ٿيل سندس اکڙين وارين تصويرن جيءَ جهوري وڌو، مون سوچيو پئي ته جاويد کي اڃا جيئڻو هو، ڇو ته سندس ٻچن، دوستن ۽ سنڌ جي انهن ماڻهن جن جي هن قلم ذريعي خدمت ڪئي، مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سندن آواز ايوانن تائين پهچايو انهن کي جاويد جي ضرورت هئي.

مون کي ياد آهي ته جڏهن جاويد بيماري جي بستري تي هو ته سوشل ميڊيا تي هڪ وڏي بلڊر جي علاج جي اعلان واري خبر هلي پر جاويد ميمڻ ان ڳالهه جي به ترديد ڪئي ته هو پنهنجو علاج پاڻ پيو ڪرائي، ڪنهن به بلڊر يا سرمائيدار سندس علاج ناهي ڪرايو، هو هڪ ارڏو انسان هو. جاويد ميمڻ سکر جو هڪ سينيئر صحافي هو، هو ملڪ جي معتبر صحافين جي صف ۾ شامل ٿيندو هو، هن زندگي جا 30 سال صحافت کي ڏئي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي مدد ڪئي، هو هڪ سال مسلسل بيمار رهيو، پر هن ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو، هو بيماري سان جنگ وڙهندو رهيو ۽ آخر زندگي جي جنگ هارائي ويٺو.

جاويد زندگي جي آخري گهڙين ۾ هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو هو ته انسان کي هڪ نه هڪ ڏينهن مرڻو ضرور آهي، کيس مرڻ جو ڏک ناهي، پر کيس الڪو اهو آهي ته سندس ننڍڙا ٻچا آهن، انهن جو ڇا ٿيندو.؟؟  جاويد ميمڻ ارَڏو انسان هو، هن  ٻچن کي پنهنجي ڇت ته ڏني آهي پر سندس ٻچا اڄ يتيم آهن، هن وقت جاويد ميمڻ جي ٻچن کي سنڀالڻ جي ضرورت آهي، هو ناهي رهيو، سندس دوستن، ساٿين ۽ مٽن مائٽن کي گهرجي ته هو جاويد ميمڻ جي ٻچن کي آٿت ڏين ۽ جيستائين هو وڏا ٿي پنهنجن پيرن تي بيهن تيستائين سندن سار لهندا رهن، اهو ڪرڻ سان ئي اسان جاويد ميمڻ جي آخري وقت ۾ ڏنل ميار کان پاڻ کي ڪنهن حد تائين آجو سمجهي سگهنداسين

Leave A Reply

Your email address will not be published.