دشمن ملڪ ۾ پهريون ڀيرو فلسطيني چيف جسٽس طور مقرر

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي اختيارين  فلسطين ڄائي قانون دان کي  پيٽرسن شهر جو چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو، عبدالجميد آمريڪا ۾ چيف جسٽس مقرر ٿيندڙ پهريون فلسطيني آهي.

تفصيل موجب آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فلسطيني ڄائي شهري کي آمريڪي رياست نيوجرسي جي پيٽرسن شهر جي عدالت جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو اطلاعن موجب عبدالمجيد عبدالهادي جو آمريڪي تاريخ ۾ چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ٿيڻ حيران ڪندڙ تصور ڪيو پيو وڃي.

پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ هو ته پيٽرسن شهر جي ميئر انڊريه سائگ فس بڪ تي پوسٽ ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته هن کي ڪنهن فلسطيني مسلما جي آمريڪا ۾ چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي فخر آهي.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ هو ته والاريل فلسطين جو علائقو رام الله آمريڪا ۾ چيف جسٽس مقرر ٿيل عبدالمجيد جو اباڻو شهر آهي، هن ڪيترن ئي ورهين تائين آمريڪا ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنيون ان کان پوءِ 5 سالن تائين سٽي جج به مقرر رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.