يويو هني سنگهه تي ڪيس داخل…

 

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ڳائڻي يويو هني سنگھه خلاف گيت ۾ عورتن لاءِ نامناسب لفظ استعمال ڪرڻ تي پنجاب رياست ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هو پهريون ڀيرو ناهي جو يويو هني سنگھه تي گيت ۾ اڻ مناسب ۽ بيهودا شاعري ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هجي، ان کان اڳ 2013ع ۾ به هو قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي چڪو آهي.

هني سنگھه جي گذريل سان رليز ٿيل گيت تي ڀارتي رياست پنجاب جي عورتن تي ڪم ڪندڙ ڪميشن اعتراض ڪندي پوليس کي سندس خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي  درخواست ڪئي هئي، عورتن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪميشن موجب يو يو هني سنگھه 2018ع ۾ ٽي سيريز جي بئنر هيٺ رليز ٿيل گيت ”مکنان“ ۾ عورتن بابت اڻ وڻندڙ شاعري استعمال ڪئي، جيڪا عورتن جي اهميت کي گھٽ ڪرڻ جي برابر آهي.

عورت ڪميشن هني سنگھه جي گيت ۾ شامل ”مين هون ويمنزيئر“ جملي تي اعتراض واريندي پوليس کي يويو خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي. ”ويمنزيئر“ جو مطلب هڪ اهڙي شخص ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جنهن جا هڪ ئي وقت گھڻين عورتن سان لاڳاپا هوندا آهن ۽ هاڻ ڳائڻي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

رپورٽن موجب ڀارت جي پنجاب رياست جي ضلعي ساس نگر جي متار پوليس ٿاڻي ۾ هني سنگھه خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. گلوڪار خلاف لکوندر ڪمار نالي شخص جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته هني سنگھه جو اهو گيت سيپٽمبر 2018ع ۾ رليز ڪيو ويو هو ۽ ان کي يوٽيوب تي هن وقت تائين 20 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.