ڊالر ۽ سون جو مُلهه وڌڻ جو سلسلو جاري…

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ سون جو مُلهه هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي ويو آهي.

سون جي مُلهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سون مهانگو ٿي ويو آهي، 1300 رپيا واڌ کانپوءِ في تولو سون 80 هزار 3 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت ۾ 1114 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ 10 گرام سون 68 هزار 844 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن فاريڪس ڊيلرز موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 51 پئسا مهانگو ٿي ويو ۽ ان جي قيمت 157.37 رپين مان وڌي 157.88 رپيا ٿي وئي.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 70 پئسا مهانگو ٿيو ۽ ان جي نئين قيمت 158.50 رپيا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.