ٿڌي پاڻي سان مٿو ڌوئڻ، وٽامن، پروٽين ۽ آئرن واريون شيون کائڻ سان وار مضبوط

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) وار عورت توڙي مردن جي خوبصورتي جو اهم ذريعو هجڻ سان گڏو گڏ شخصيت ۾ به ڪشش پيدا ڪندا آهن، جسماني صحت ۽ حسن جيان وارن جي حفاظت  ۽ سار سنڀال ضروري آهي، جيئن ته وارن کي خوبصورت ۽ پرڪشش ٺاهي سگهجي، وارن ۾ ٿوڙي به لاپرواهي ٿئي ته اهي ٽارين جهڙا ٽڙيل ۽ خراب ٿي ويندا آهن ۽ جلد اهي وار اڇا ٿي ويندا آهن، وارن کي بيماري کان بچائڻ ۽ انهن کي صحت مند رکڻ جي لاءِ پنهنجي غذا ۾ پروٽين، وٽامن ۽ آئرن شامل ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏيو، جيئن ته وارن جي ڪشش خراب نه ٿئي ۽ وارن تي ئي رهي، ٿڌو پاڻي وارن جي لاءِ آب حيات آهي، مٿي کي ٿڌي پاڻي سان ڌوئڻ وقت وارن کي آڱرن جي مدد سان مالش ڪرڻ وارن جي صحت لاءِ انتهائي فائدي مند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.