ڪراچي کان پنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس جون بوگيون انجڻ کان ڌار ٿي ويون

خانيوال ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي کان پنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس جو بوگيون فريد آباد ۾ انجڻ کان ڌار ٿي ويون.

پاڪستان ايڪسپريس جون بوگيون ريلوي اسٽيشن کان ڪجهه فاصلي تي ڌار ٿي ويون، بوگين کي انجڻ سان ملائيندڙ جوائنٽ اوچتو ٽٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ انجڻ اڳتي نڪري وئي ۽ بوگيون پٺتي رهجي ويون، شديد جهٽڪا لڳڻ سبب مسافر برٿن تان هيٺ ڪري پيا ۽ انهن ۾ شديد خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو.

اختيارين موجب ٽرين کان ڌار ٿيندڙ بوگيون فريد آباد ويجهو بيٺل آهن، پاڪستان ايڪسپريس جي مسافرن دير تي سخت احتجاج ڪيو. مسافر اڃا تائين کليل آسمان هيٺ انتظاميا ۽ امداد جا منتظر آهن. حادثي سبب سموريون ريل گاڏيون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.