” سري ديوي جو موت حادثاتي نه پر قتل هو“

نئين دهلي  ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ ڪيرالا جيل جي ڊي جي پي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪارا سري ديوي جو موت حادثاتي نه هو پر کيس قتل ڪيو ويو هو.

 

ڀارتي خابرو اداري موجب ڪيرالا جيل جي ڊائريڪٽر جنرل پوليس رشي راج سنگهه ” ڪيرالا ڪوموڊي “ نالي اخبار لاءِ  ليجنڊ اداڪارا سري ديوي جي موت جي حوالي سان هڪ ڊگهو مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي سرڳواسي فارنسڪ سرجس ڊاڪٽر عما ڌتن جي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ڊاڪٽر مونکي ٻڌايو ته سري ديوي جو حادثاتي موت قتل ٿي سگهي ٿو.

                    

جنهن تي رشي راج سنگهه ڊاڪٽر کان ڪارڻ معلوم ڪيو ته هن ڪجهه ڳالهين جي نشاندهي ڪندي ٻڌايو ته ڪيترائي ثبوت اهڙا آهن جنهن مان ثابت ٿي سگهي ٿو ته سري ديوي جو موت هڪ حادثو نه پر قتل هو.

 

ڊي جي پي پنهنجي مضمون ۾ لکيو آحي ته ڊاڪٽر عما ڌتن موجب جيڪڏهن سري ديوي تمام  گهڻي نشي ۾ به هجي ها ته تڏهن به هو باٿ روم ٽب ۾ موجود هڪ فٽ گهري پاڻي ۾ ٻڏي مري نه پئي سگهي.

 

هن پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته ڪنهن جي زور ڏيڻ بنا هڪ شخص جون ڄنگهون يا مٿو باٿ روم ٽب ۾ نٿو ٻڏي سگهي ۽ جڏهن ته باٿ روم ٽب ۾ پاڻي به هڪ فٽ هجي ته اهو ممڪن ئي ناهي.

 

واضح رهي ته 54 ورهين جي ڀارتي اداڪارا سري ديوي جي موت وارو واقعو گذريل سال 24 فيبروري تي دبئي جي هڪ هوٽل ۾ ٻڏڻ سبب پيش آيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.