رپورٽ:”ياح ڪلڪ“ طرفان پاڪستان ۾ انويٽيشنل گولف ٽورنامينٽ ڪرائي وئي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ:”ياح ڪلڪ“ طرفان پاڪستان ۾ انويٽيشنل گولف ٽورنامينٽ ڪرائي وئي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ:”ياح ڪلڪ“ طرفان پاڪستان ۾ انويٽيشنل گولف ٽورنامينٽ ڪرائي وئي

 

”ياح ڪلڪ“ طرفان پاڪستان ۾ انويٽيشنل گولف ٽورنامينٽ ڪرائي وئي

گڏيل عرب امارتن ڄائي گلوبل سيٽلائيٽ آپريٽر ”ياح سيٽ“ جي سيٽلائيٽ بروڊ بينڊ سروس ”ياح ڪلڪ“ ۽ هگز نيٽورڪ سسٽم طرفان انويٽينشنل گولف ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب ڪرائي وئي.

تقريب ۾ ريڊ ٽن ٽيليڪميونيڪيشن پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ، نيڪلنڪس نيٽ ورڪس پرائيويٽ لميٽيڊ، پاڪ ڊيٽا ڪام ۽ سپرنيٽ لميٽيڊ سميت صارفين شرڪت ڪئي.

” ياح ڪلڪ “، بئنڪاري، تيل ۽ گئس، صحت، تعليم، تعمير، ميڊيا ۽ حڪومت جي سڀني وڏن ادارن ۾ ڪنيڪٽوٽي فراهم ڪندو آهي.

ريجنل ڊائريڪٽر ساجد مڱريي چيو ته اعتماد جوڳي ۽ اثرائتي لاڳت ۾ بروڊبينڊ سروسز ذريعي پاڪستان ۾ سماجي ۽ معاشي حوالي سان امڪاني ترقي جا رستا کولڻ ۾ YahClick جو ڪردار اجاڳر ڪرڻ لاءِ هيءَ ٽورنامينٽ قدر جوڳي هئي.

هن چيو ته YahClick سڀ کان پهريون ادارو آهي، جنهن سڄي پاڪستان ۾ وڌيڪ سگهه رکندڙ ۽ اعتماد جوڳي رابطي جي سهولت فراهم ڪئي آهي.

ساجد مڱريي چيو ته هنن سروس پارٽنرز سان گڏجي ان واعدي کي پورو ڪيو، جنهن ڪري سڃاڻپ ۽ مثبت تاثر تيزي سان پنهنجي جاءِ ٺاهي.

تقريب ۾ رانديگرن گولف جي تخليقي ٿيم تي ٻڌل سرگرمي ۾ حصو ورتو، جنهن جي پڄاڻي تي انعامن جي ورهاست ۽ ڊنر جو احتمام پڻ ڪيو ويو…………….

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.