موقف جو حق ڏيڻ بنا چئنل آف ايئر ڪرڻ ناانصافي آهي: پي بي اي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) چيو آهي ته هن جي ٽن ميمبرن ”اب تڪ، 24 نيوز ۽ ڪيپيٽل ٽي وي“ طرفان پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) خلاف شڪايت جمع ڪرائي وئي آهي.

ڄاڻايل شڪايت بنا ڪنهن سبب ٻڌائڻ ۽ انهن جو موقف ڄاڻڻ، ڪيبل نيٽ ورڪ ذريعي انهن چئنلن کي آف ايئر ڪرڻ تي داخل ڪرائي وئي.

پي بي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٽن ٽيلي ويزن چئنلن کي آف ايئر ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي.

پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن پيمرا کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن چئنلن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن انهن چئنلن خلاف اخلاقي ضابطن جي ڀڃڪڙي جي ڪا شڪايت موجود آهي ته اڳ کان موجود طريقيڪار تي عمل ڪيو وڃي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انهن چئنلن کي موقف ڏيڻ جو حق نه ڏئي ۽ هڪ طرفي طور تي انهن کي آف ايئر ڪرڻ انصاف جي اصولن جي ڀڃڪڙي ۽ اظهار جي آزادي کي ڌمڪائڻ جي برابر آهي.

اهو قدم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب  صدر مريم نواز جي لاهور ۾ ڪيل تڪراري پريس ڪانفرنس بنا ڪنهن رنڊڪ جي لائيو ڏيکارڻ تي ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان 21 ٽيلي ويزن چئنلن کي نوٽيس موڪلڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ سامهون آيو.

ان بابت پيمرا جو چوڻ هو ته مريم نواز جي عدالتن ۽ رياستي ادارن خلاف پريس ڪانفرنس بنا ڪنهن رنڊڪ نشر ڪرڻ پيمرا جي قانونن ۽ سپريم ڪورٽ جي ضابطن جي اخلاق ۽ حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.