ترڪي ۾ سوين فوجي عهديدارن جي گرفتاريءَ جو حڪم

 

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ اختيارين گهٽ ۾ گهٽ 260 عسڪري عهديدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جن عسڪري عهديدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، انهن ۾ بري، هوائي ۽ سامونڊي فوج جا ملازم شامل آهن.

انهن تي شڪ آهي ته اهي 2016 جي ناڪام فوجي بغاوت ۾ ملوث هئا.

انقرا اختياريون حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ان ڪوشش جي ذميواري مبلغ فتح الله گولن تي وجهنديون آهن، جنهن جي هو ترديد ڪندا آهن.

گولن آمريڪا ۾ پاڻ مرادو جلا وطبي جي زندگي گذاري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.