آمريڪا اهو ڪم نه ڪري… چين جو مطالبو

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين آمريڪا کان تائيوان سان هٿيارن جي فراهمي جو معاهدو فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گينگ شوئناگ چيو آهي ته تائيوان کي هٿيارن جي فراهمي چين جي هڪ اصول جي سخت ڀڃڪڙي آهي.

سندس موجب اها چين جي اندورني معاملن ۾ مداخلت ۽ چين جي سلامتي جي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي.

واضح رهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي تازو تائيوان کي 2.2 ارب ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.