هيلمٽ نه، ته سفر نه

مقبول ملاح

 پيءُ ۽ ڌيءُ جو رشتو به عجيب ٿئي ٿو، جڏهن ته اسان جي معاشري ۾ پٽ کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ پهرين پٽ جي ڄمڻ تي خوشي ۾ در تي دهل وڃن ٿا، يا جڏهن پهريون سوال اهو ڪيو وڃي ٿو ته اولاد ۾ پٽ ڪيترا اٿئي، ڌي خاموش ضرور هوندي آهي، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته پيءُ سان سڀ کان وڌيڪ پيار ڌيءُ ئي ڪندي آهي. ان جو هڪ لازوال مثال رومان جي ان ڌيءُ جو آهي، جنهن جي پيرسن پيءُ کي موت سزا ملي، جنهن ۾ کيس بنا کائڻ ۽ پيئڻ جي قيد ۾ رکيو ويو، هن کي قيد دوران کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ڏيڻو، ايستائين جيستائين هو تڙپي تڙپي مري نه ٿو، ان دوران صرف ان جي ڌيءُ کي ملڻ ڏنو ويندو هو، ڌيءُ کان پيءُ جو بک ۽ اڃ وگهي تڙپي تڙپي مرڻ نه ڏٺو ويو ۽ هن پنهنجي پيءُ کي پنهنجي ٿڃ پيارڻ شروع ڪئي، ۽ هر روز هو ملاقات دوران کيس پنهنجي ٿڃ پياريندي هئي،  جڏهن گهڻن ڏينهن تائين هو زنده رهيو ته کيس سزا ڏيندڙن کي پريشاني ٿي ته ايترن ڏينهن کان هو مري ڇو نه ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن سندس ڌي کائنس ملڻ ايندي هئي ته ان کان تلاشي ورتي ويندي هئي ۽ هوءَ به کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه ڪونه کڻي ايندي آهي، جنهن تي پهريدارن کي اهو حڪم ڏنو ويو ته جڏهن به هوءَ پنهنجي پيءُ سان ملڻ اچي ته کانئس تلاشي سان گڏ اهو به ڏٺو وڃي ته هوءَ ڇاٿي ڪري، جڏهن پهريدارن لڪي ڏٺو ته هوءَ پنهنجي پيءُ کي لڪي ٿڃ ٿي پياري، اهو ئي سبب آهي ته قيدي اڃان تائين زنده آهي، جنهن کانپوءِ ان ڌي کي گرفتار ڪيو ويو پر پوءِ ڌي جي ان لازوال قرباني کي ڏسندي کين آزاد ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو 18 صدي جو واقعو آهي، پر اڄ به سڀ کان وڌيڪ مهانگو پورٽريٽ  آهي، جنهن ۾ ان ڌيءُ کي پنهنجي پي کي کير پياريندي ڏيکاريو ويو آهي.

پنهنجي پيءُ سان محبت جو لازوال مثال رومان جي ان ڌي کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪٿي نه ٿو ملي، پر گذريل ڏينهن مان انڊس هوٽل ڪنهن پروگرام ۾ ويس پئي ته انڊس هوٽل جي ڀرسان جيئن ئي منهنجو گذر ٿيو ته منهنجي سامهون هڪ موٽر سائيڪل تيز رفتاري سبب سلپ ٿي پئي،  موٽر سائيڪل تي 50 ورهين جي هڪ شخص سان 18 ورهين جي ڌيءُ ويٺل هئي، موٽر سائيڪل سلپ ٿيندي ئي موٽر سائيڪل سوار جنهن کي هيلمٽ پاتل نه هيو ان جو مٿو روڊ سان لڳو، جڏهن ته ان جي نياڻي زور زور سان رڙيون ڪري پنهنجي پيءُ کي سڏي رهي هئي، جيتوڻيڪ ان شخص کي فوري طور تي اسپتال پهچايو ويو، پر هو ڌڪ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. ٻن ڏينهن تائين مان ان حادثي بابت سوچي رهيو هيس، خاص ڪري ان نياڻي جنهن جي سامهون سندس پيءُ فوت ٿيو، شايد اها نياڻي پنهنجي سڄي زندگي ان حادثي کي وساري نه سگهي.

حادثي واري وقت اڪثر ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌم ته جيڪڏهن ان موٽر سائيڪل سوار کي هيلمٽ پاتل هجي ها ته شايد هو بچي وڃي ها، پر اتي حادثي دوران جيترا به موٽر سائيڪل تي ايندڙ ماڻهو بيٺا هئا، انهن مان چند ماڻهن کي هيلمٽ پاتل هيو، جيتوڻيڪ ان وقت مان موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هيس، پر مون کي به هيلمٽ پاتل نه هيو،  ۽ جيستائين مون هيلمٽ خريد نه ڪيو، موٽر سائيڪل هلائڻ دوران هڪ خوف تاري هوندو هيو.

دادو ضلعي جي علائقي سيتاروڊ جي رهواسي پيراڻو خان پليپوٽو سان منهنجي حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي، جنهن مون کي هڪ تصوير ڏيکاري، ڊگري ڪاليج سيتا ڀرسان سيتا وليج ويندڙ وچ روڊ تي بجلي جو ٿنڀو لڳل هيو،  هن ٻڌايو ته وچ روڊ تي هي ٿنڀو نه پر موت جو راڪاس آهي۔ تقريبن هڪ مهينو اڳ ڳوٺ ڳهڻو چانڊيو جو رهواسي 45 سالا ديدار علي چانڊيو موٽر سائيڪل تي سيتاروڊ ايندي ٽاڪ مجهند تيز رفتاري ۾ انهي ٿنڀي سان ٽڪرائجي شديد زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو هو۔  ان کان اڳ به هڪ نوجوان ان ٿنڀي سان ٽڪرائجي فوت ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ان نوجوان کي هيلمٽ پاتل هجي ها ته شايد هو بچي وڃي ها، پر شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هيلمٽ نه پائڻ جي برابر آهن.

ڪالهه جڏهن منهنجي ملاقات اٽلاس هنڊا جي ريجنل مينيجر ڪليم الله شيخ ٿي ته هن ٻڌايو ته هاءِ ويز طرفان 2018 ۾ رپورٽ جاري ڪئي وئي هئي، جنهن موجب پاڪستان ۾ 2018 ۾ 16 هزارن کان وڌيڪ انساني جانيون روڊ حادثن ۾ ضايع ٿيون، جڏهن ته عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ هر سال 12 لک 40 ماڻهو روڊ حادثن سبب پنهنجي زندگي وڃائي ويهن ٿا، جن ۾ اڪثريت 15 سالن کان 29 سالن تائين جي نوجوانن جي آهي. جيڪڏهن ڊرائيونگ دوران سيٽ بيلٽ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو ته 50 سيڪڙو ماڻهو حادثي جي صورت ۾ به پنهنجي جان بچائي سگهي ٿو، جڏهن ته هيلمٽ پائڻ سان 40 سيڪڙو تائين حادثي دوران ماڻهن جون جانيون بچي سگهن ٿيون.

اٽلاس هنڊا وارن جو هڪ سٺو عمل اهو به آهي ته هو هر سال حيدرآباد ۾ ٽريفڪ پوليس سان گڏ  روڊ سيفٽي پروگرام هلائيندا آهن، جنهن ۾ شهرين کي هيلمٽ ۽ ڊرائيونگ دوران سيفٽي بابت جاڳرتا ڏني ويندي آهي، جڏهن ته هن پروگرام دوران خاص ڪري نوجوانن ۾ مفت هيلمٽ پڻ ورهايا پيا وڃن. ڪليم الله شيخ ٻڌايو ته اٽلاس هنڊا وقت به وقت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جاڳرتا پروگرام ڪيا آهن. 2018 ۾ حيدرآباد پوليس سان گڏ 15 ڏينهن تائين شهرين ۾ ٽريفڪ قانونن بابت آگاهي پروگرام ڏنو هيو، جنهن جا تمام بهتر نتيجا نڪتا هئا ۽ هن سال هڪ دفعو ٻيهر 25 جون کان 15 جولاءِ تائين هيلمٽ نه ته سفر نه، جي عنوان هيٺ سيفٽي پروگرام هلندڙ آهي. هن چيو ته هر سال اهڙا پروگرام ڪرڻ جو مقصد شهرين ۾ اها جاڳرتا پيدا ڪرڻي آهي ته هيلمٽ پائڻ سان حادثي جي صورت ۾ انساني جان کي خطرو نه ٿو رهي.

جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت، ٽريفڪ پوليس سميت مختلف ادارن طرفان جاڳرتا مهم هلائي ويندي آهي،پر پوءِ به شهرين جو وڏو انگ هيلمٽ کان بغير موٽر سائيڪل هلائيندي ڏٺو وڃي ٿو، ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ ڪجهه پيٽرول پمپن تي بغير هيلمٽ جي موٽر سائيڪلن ۾ پيٽرول نه پيو ڏنو ويو، پر اهو ڪجهه پمپن تي هيو، جنهن ڪري  ماڻهو ٻئي پمپ تان پيٽرول ته ڀرائڻ لاءِ ويا پئي، پر هيلمٽ پائڻ کي ترجيح نه ڏني، ٻئي طرف جڏهن هيلمٽ تي سختي ٿي ته دڪاندارن هيلمٽ جي قيمت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، پر جڏهن اهڙا پيٽرول پمپ جتي بغير هيلمٽ جي پيٽرول نه پِئي ڏنو ويو، انهن جي جڏهن سيل گهٽجي وئي ته انهن پنهنجو فيصلو واپس وٺندي ٻيهر بغير هيلمٽ وارن کي به پيٽرول ڏيڻ شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سڄي شهر ۾ اهڙي سختي ڪئي وڃي ها ته شايد هيلمٽ پائڻ وارو رجحان وڌي ها، ڇاڪاڻ ته پيٽرول کان سواءِ گاڏي هلائڻ مشڪل آهي. هن وقت به حيدرآباد جي ڪينٽ وارن علائقي ۾ بغير هيلمٽ جي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو آهي ته ماڻهو اتي داخل ٿيڻ لاءِ اڳ ئي هيلمٽ کڻي پوءِ نڪرندا آهن.

هيلمٽ نه پائڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته ماڻهن ۾ هيلمٽ خريد نه ٿا ڪن، تنهن ڪري موٽر سائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپنين کي گهرجي ته هو پنهنجي نئين موٽر سائيڪل خريد ڪندڙ کي هيلمٽ ضرور ڏين، ڀلي ان جي قيمت ان موٽر سائيڪل جي قيمت ۾ شامل ڪئي وڃي. ٻيو ته هڪ دفعو ٻيهر اها سختي سڄي شهر جي پمپن تي ڪئي وڃي ته هيلمٽ نه پائيندڙ کي پيٽرول نه ڏنو وڃي ته جيئن مجبورن هو هيلمٽ جو استعمال ڪن. ڇاڪاڻ ته هيلمٽ نه ، ته سفر نه

Leave A Reply

Your email address will not be published.