واشنگٽن ۾ طوفاني مينهن سبب زندگي جو معمول متاثر

واشگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن ڊي سي ۾ طوفاني بارشن کان پوءِ ٻوڏ اچي وئي، ٻوڏ سبب معمول واري زندگي متاثر ٿي وئي ۽ وائٽ هائوس ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب واشنگٽن ڊي سي ۾ طوفاني بارشن کان پوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، روڊن تي پاڻي بيهڻ سبب ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي پيون آهن.

ان دوران 15 گاڏيون ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويون جن ۾ سوار ماڻهن کي امدادي ڪارڪنن بچائي ورتو. لاڳيتو بارشن سبب فيلڊ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. وائٽ هائوس ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو آهي.

آمريڪي موسيات کاتي موجب رياست ورجينيا جي علائقي آرلنگٽن ۾ صبح جو 9 وڳي کان 10 وڳي تائين تقريبن 5 انچ بارش رڪارڊ ڪئي وئي.

اختيارين موجب واشنگٽن جي ميٽرو اسٽيشنز ۾ به ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي جنهن سبب ميٽرو سروس کي عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي. بارش سبب ڪيترائي عجائب گھر ۽ ٻيون عمارتون به بند ڪيون ويون آهن.

جڏهن ته موسميات کاتي وڌيڪ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.