تيزي سان وزن گهٽائڻ جو بهترين وقت ڪهڙو آهي…؟ سائنسدانن ٻڌائي ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن جو چوڻ آهي ته وزن گهٽائڻ لاءِ سڀ کان ضروري شيءَ روزاني بنيادن تي ورزش ڪرڻ آهي ۽ بهترين نتيجن لاءِ ورزش لاءِ مناسب وقت جو تعين ڪرڻ ان کان به وڌيڪ ضروري آهي.

سائنسي رسالي اوبيسٽي ۾ شائع ٿيندر مقالي موجب آمريڪي تحقيقدانن اُن وقت جو درست تعين ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪئي جن وقتن ۾ ورزش ڪرڻ سان وزن ۾ وڌيڪ وقتن جي ڀيٽ ۾ تيزي سان گهٽتائي ايندي آهي.

ان تحقيق لاءِ  لڳ ڀڳ 400 وزن جي زيادتي جي شڪار ماڻهن حصو ورتو، هڪ گروپ کي ڪنهن به وقت ورزش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي جڏهن ته ٻئي گروپ کي صبح، منجهند يا شام ۾ ڪنهن به هڪ وقت جي چونڊ ڪرڻ جو چيو ويو.

جيڪو گروپ ڏينهن ۾ ڪنهن به مهل ورزش ڪري وٺندو هو ان جي وزن ۾ گهٽتائي جي اميد موجب نه ٿي سگهي ۽ نه اهڙا ماڻهو ورزش جي ٻين فائدن جهڙوڪ چستي، ذهني واڌ ويجهه ۽ جسماني توانائي جهڙا فائدا کڻي سگهيا.

ٻئي پاسي اهو گروپ جنهن پنهنجي ورزش لاءِ سڄي ڏينهن مان ڪنهن به هڪ وقت جي چونڊ ڪري ورتي ۽ روزاني ان وقت ورزش ڪندا رهيا ۽ انهن ماڻهن جي وزن ۾ حيرت جوڳي ۽ واضح گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي.

تحقيق مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جي بنياد تي ماهرن جو چوڻ آهي ته بهتر نتيجن لاءِ صبح، منجهند يا شام ۾ پنهنجي سولائي موجب ڪو به وقت چونڊي وٺو ۽ پوءِ روزانو ان ئي مهل ورزش ڪرڻ کي معمول بڻايو ۽ ان تي توهان جو جسم به توهان جو ٿورائتو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.