ڦريل دولت جي واپسي هر پاڪستاني جي خواهش….

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جو چوڻ آهي ته غلط اقتصادي پاليسين سان ملڪ ۽ قوم کي گهڻو نقصان پهچايو ويو، معيشت جي تباهي جي ڳالهه ڪيو ته مخالف رڙيون ٿا ڪن.

تفصيل موجب پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان  بوزدار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڦريل دولت جي واپسي هر پاڪستاني جي خواهش آهي قومي وسيلا ڦريندڙن ملڪ جي ٻچي ٻچي کي قرضي ڪري ڇڏيو.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته معيشت جي تباهي جي ڳالهه ڪيو ته مخالف ڌر رڙيون ٿي ڪري، غلط اقتصادي پاليسين سان ملڪ ۽ قوم کي نقصان رسايو ويو، ادارا خود مختيار آهن، احتساب بنا فرق جي ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.