ملڪ ۾ پوليو جا وڌيڪ 4 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ پوليو جا وڌيڪ چار نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو گڏيل انگ 41 ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب سموري ملڪ ۾ پوليو جا وڌيڪ 4 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کانپوءِ هلندڙ سال پوليس ڪيسن جو مجموعي انگ 41 ٿي ويو آهي، صحت واري وزارت جي ذريعن موجب ٻه پوليس ڪيس ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ سامهون آيا آهن.

ذريعن موجب بلوچستان ۾ جعفرآباد جي يوسي شاهان پلال ۾ 8 مهينن جي قلعا عبدالله  جي علائقي پنج پيراني ۾ 9 مهينن جي ٻارڙي ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ بنون جي يونين ڪائونسل حويد جي اڍائي ورهين ۽ بنون جي ئي يوسي جاني خيل جي هڪ سال جي ٻار ڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليو جو شڪار 3 ٻارن جي والدين ويڪسينيشن کان انڪار ڪيو هو. ان کانسواءِ هلندڙ سال پنجاب ۾ 3، بلوچستان ۾ 2، خيبرپختونخوا ۽ قبائلي ضلعن ۾ 8 پوليو ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.