اڳوڻو ايم پي اي شفيع محمد ڄاموٽ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جو اڳوڻو ايم پي اي شفيع محمد ڄاموٽ لاڏاڻو ڪري ويو.

نواز ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي شفيع محمد ڄاموٽ کي طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

صحت سڌارو نه اچڻ سب اڄ هو لاڏاڻو ڪري ويو. ابراهيم حيدري جي علائقي سان واسطو رکندڙ شفيع محمد ڄاموٽ سنڌ اسيمبلي ۾ نواز ليگ جو اڳوڻو ايم پي اي رهيو ۽ فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جو ڊائريڪٽر به هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.