پيمرا جو مريم نواز جي پريس ڪانفرنس تي نوٽيس…..!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته مريم نواز عدليه ۽ رياستي ادارن جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن کي نشر ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

تفصيل موجب پيمرا مريم نواز جي پريس ڪانفرنس جو نوٽيس وٺندي ان کي لائيو ڪندڙ ٽي وي چينلن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز جي عدليه، رياستي ادارن جي خلاف پريس ڪانفرنس لائيو ڏيکاري وئي.

پيمرا طرفان جاري ٿيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي پريس ڪانفرنس کي ٽي وي تي نشر ڪرڻ پيمرا قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.