لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سليڪٽڊ جا آواز جلسا روڪڻ سان بند نه ٿيندا. هڪ بيان ۾ مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب جلسي جي اجازت تنهن ڪري نه ٿو ڏئي جو کيس نواز شريف جي نعرن جي گونج مان ڊڄ ٿئي ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملا ڪندڙ هڪ جلسي جي اجازت نه ڏئي رهيا آهن، عمران خان ملڪ کي 120 ڏينهن بند ڪيا، کيس مريم نواز جي هڪ جلسي مان خوف ڇو آهي؟ سندس چوڻ هو ته عمران خان مريم نواز جو ايترو خوف جو جلسي واري هنڌ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، عمران خان توهان چيو ته توهان موت به برداشت ڪري سگهو ٿا. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جلسي جي اجازت تنهن ڪري نه ٿو ڏئي جو کيس نواز شريف جي نعرن جي گونج مان ڊڄي ٿئي ٿو. هن چيو ته سليڪٽڊ ۽ عليما باجي چور جا آواز جلسا روڪڻ سان بند نه ٿيندا، عمران خان صاحب جلسو ٿيندو انشاءَ الله هي نواز شريف جا شير آهن، عمران خان صاحب ٽي وي هلائي رکجان ۽ شينهن جو سمنڊ ڏسجان. مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز منڊي بهاوالدين ۾ هر صورت ۾ جلسو ڪندي.