”امپائر جي آڱر ڪرڪيٽ ۾ پر جمهوريت ۾ عوام جي آڱر هلندي آهي“

ڊيرا غازي خان(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سليڪٽڊ حڪومت غريبن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي، امپائر جي آڱر تي نچندڙ وزير اعظم کي عوام جون رڙيون ٻڌڻ ۾ نه پيون اچن.

ڊيرا غازي خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين عمران خان ڪهڙا ڪهڙا خواب ڏيکاريندو هو، پر سندس هر واعدو ۽ هر نعرو ڪوڙو نڪتو، هي ڪهڙو نئون پاڪستان آهي جنهن ۾ غريب جي زندگي ڏکي آهي، هر ڪو پريشان، هاري بدحال  مزدور بي وس آهي، مهانگائي ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي آهي، اسان کي نئون پاڪستان منظور ناهي، قائد اعظم جو پاڪستان واپس ڏيو.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته هن ملڪ تي سليڪٽڊ حڪومت مڙهي وئي آهي، حڪمران عوام جو رت چوسي رهيا آهن ۽ هر طبقو اذيت جو شڪار آهي، سليڪٽڊ حڪومت غريبن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ امپائر جي آڱر تي نچندڙ وزير اعظم کي عوام جون رڙيون ٻڌڻ ۾ نه پيون اچن، ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، ڌانڌلي ورتل حڪومت ڌانڌلي سان ڌانڌلي ورتل بجيٽ پاس ڪرائي، پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو وزير اعظم پنهنجي ئي بجيٽ ۾ ووٽ نه ڏنو، بجيٽ ۾ چورن ۽ ڦورن جي لاءِ ايمنسٽي اسڪيم ۽ عام ماڻهو جي لاءِ رڳو ٽيڪس آهي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ خيبرپختونخواهه کي 40 ارب گهٽ مليا آهن، ڪٽ پتلي کي حق ناهي ته هو فيصلو ڪري ته ڪنهن جي محنت جو پيسو ڪاٿي خرچ ٿيندو، آئون ڪٺ پتلي حڪومت جو مقابلو ڪرڻ ۽ عوام جي معاشي ۽ جمهوري حقن جي تحفظ لاءِ نڪتو آهيان، امپائر جي آڱر ڪرڪيٽ ۾ هلندي آهي پر جمهوريت ۾ عوام جي آڱر هلندي آهي.

بلاول چيو ته عمران خان ته رڳو 4 تڪن جي لاءِ روئندو هو پر عام چونڊ 2018ع ۾ سڄي ملڪ جي تڪن مان فارم 45 غائب هئا، قبيلائي علائقن جي اليڪشن ٻڌائيندي ته اليڪش ڪميشن آهي يا سليڪشن ڪميشن، هي ڪهڙي قسم جي آزادي آهي جو مون کي قبيلائي علائقن ۾ وڃڻ ناهي ڏنو ويندو، دهشتگردن جا سهولتڪار اڄ ڪابينا ۾ ويٺا آهن ۽ جنهن پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ان جو انٽرويو به نه هلي سگهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.