روغني قورمو

شيون:

گوشت :1ڪلو

ڪٽيل بصر: 2 عدد

ڏهي: 1ڪوپ

ٿُومَ: 6 ڳڙيون

گيهه: اڌ ڪوپ

تيز پتو:1 عدد

ثابت گرم مصالحو:1 چمچو

ثابت ڳاڙها مرچ: 12 عدد

خشخش: 1 چمچو

ثابت ڌاڻا: ڏيڍ چمچو

لوڻ: ضرورت موجب

طريقو:

سڀ کان پهريان ثابت ڳاڙها مرچ، ٿومَ جون ڳڙيون، خشخش ۽ ثابت داڻا پيسي ڇڏيو. گيهه گرم ڪري ڪٽيل بصر ڀُڃو. ان ۾ تيز پتو ۽ ثابت گرم مصالحو وجهي ڀڃو ته جيئن گيهه جزب ٿي وڃي.  هاڻ ان ۾ ڏهي ۽ گوشت شامل ڪري 10 منٽ وڌيڪ ڀڃو، پوءِ هڪ ڪوپ پاڻي وجهي ڇڏيو. آخر ۾ لوڻ وجهي ڍَڪ ڏئي هلڪي باهه تي  رکي ڇڏيو ۽ گوشت کي ڳرڻ ڏيو. گوشت ڳري وڃي ته روغني قورمو ڪڍي کائي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.