بينڪ آف پنجاب جي اڳوڻي صدر ۾ نيب جا هٿ…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو بينڪ آف پنجاب جي اڳوڻي صدر نعيم الدين خان جي خلاف انسائڊر ٽريڊنگ، اختيارن جو غلط استعمال ۽ بينڪ ۾ غير قانوين فائدو کڻڻ جي الزام ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

نيب طرفان جاري پڌرائي موجب راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ جاچ آفيسر واجد حسين ملڪ بينڪ آف پنجاب جي اڳوڻي صدر نعيم الدين جي خلاف ريفرنس داخل ڪيو.

نيب موجب بي او پي جي رائٽ شيئرز جي جاري ٿيڻ کان پوءِ ڊسمبر 2016ع ۾ موجود بي او پي جي لڳ ڀڳ 18 رپين جو شيئر ڊسمبر 2017 تائين لڳ ڀڳ 8 رپين جو ٿي ويو.

ٻئي پاسي ذريعن ٻڌايو ته بي او پي جي اڳوڻي صدر تي اختيارن جو غلط استعمال ڪندي ذاتي حيثيت ۾ شيئرز خريدڻ جو الزام آهي، جنهن سان هن ڪروڙين رپين جو فائدو پهچايو جڏهن ته انسائڊر ٽريڊنگ جي ذريعي راز شيئر هولڊرز کي ٻڌايا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.