ڪشميري فش ڪباب

شيون:

مڇي: اڌ ڪلو

پٽاٽا: اڌ ڪلو

لوڻ: ضرورت موجب

ڪارا مرچ: 1 چمچو

ڪُٽيل ڪارا مرچ: 1  چمچو

سويا سوس: 2 چمچا

قصوري هرٻو: 1 چمچو

ٿوم جي رس: 2 چمچا

آنو: 1 عدد

بريڊ ڪرمب: 2 ڪوپ

طريقو:

مڇيءَ جا ڪنڊا ڪڍي ان ۾ ٿوم جي رس وجهي ٻاف تي رکي ڇڏيو. پٽاٽا اُٻاري پيسي ان ۾ مڇي، ڪارا مرچ، ڪٽيل ڪارا مرچ، سويا سوس ۽ قصوري هرٻو وجهي گڏائي ڇڏيو. پوءِ ڪباب ٺاهي بيضي سان گڏائي ڇڏيو ۽ بريڊ ڪرمب لڳائي فرائي ڪيو. فراءِ ڪرڻ کانپوءِ ڪشميري فش ڪباب تيار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.