ڪراچي ( پ ر ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مھيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو جسقم جي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته حيدر منزل سان سنڌ جو جذباتي ڳانڍاپو هو، حيدر منزل سائين جي ايم سيد جي سموري سياست جي علامت، نيشاني ۽ تاريخ هئي، جنهن جي وڪرو ڪرڻ ۽ ڊاهي پٽ ڪرڻ تي هزارين دليون ٽٽي پيو آهن،هنن مرڪزي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي هندو نياڻين کي اغوا ڪرڻ بعد انهن کي ڊيڄاري، ڌمڪائي، هيسائي يا ڪنهن طريقي سان ورگلائي زوري زبردستي مسلمان بڻائي پرڻايو وڃي ٿو،جيڪو عمل نه رڳو مذمت جوڳو آهي پر خُد اهو عمل دنيا جي ڪنهن به مذهب ۽ قانون جي خلاف به آهي. هنن مرڪزي پڌرائي ۾ چيو ته 7 جولاءِ تي سنڌ ۾ ڌاري آباد ڪاري خلاف تاريخي احتجاج ڪيو ويندو.
جيئي سنڌ تحريڪ 7 جولاءِ تي حيدر منزل جي وڪري خلاف بک هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو
ڪراچي ( پ ر ) جيئي سنڌ تحريڪ ڪراچي ڊويزن طرفان حيدر منزل جي وڪري خلاف 07 جولاءِ تي منجهند 12 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان چپ سبرائي علامتي بک هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ جئي سنڌ تحريڪ جي ڊي او آفتاب شاهه وڌيڪ چيو ته آهي ته سنڌ ۽ سيد جي عاشقن کي اپيل ڪجي ٿي ته احتجاج ۾ شريڪ ٿي حيدر منزل بچائڻ سان گڏو گڏ سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ ڏنل نعري سان محبت جو اظهار ڪن،