جولاءِ جو نڀاڳو ڏينهن

يوسف سيف

5 جولاءِ ملڪي تاريخ جو هڪ نڀاڳو ڏينهن آهي، ان ڏينهن ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق چونڊيل سول حڪومت کي ڊاهي، ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪيو هو. هن 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائي اقتدار نمائندن حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو، پر ان تي ڪڏهن به عمل نه ٿيو. فوجي سربراهه 11 سالن تائين اقتدار سان چنبڙيل رهيو. ان دوران، هڪ حد تائين سول سسٽم طرف وڌندڙ سماج پٺتي ڌڪجي ويو، معاشرو انتها پسندي، مذهبي ڪٽرپڻي، لساني ۽ برادري بنيادن تي ورهائجي ويو، قانون جا بخيا اڊڙجي ويا. مارشل لا اهڙو ناسور بڻيو، جنهن سماج کي سٽي ڪٽي سوڙهو ڪري، ذهني بيمارين، تشدد، نشي ۽ ناڪاري سرگرمين ۾ ڦاسائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ الحق سامراج سان وفاداري نڀائڻ باوجود هڪ سازش تحت جهاز واري حادثي ۾ موت جو شڪار ٿي ويو پر معاشري ۾ پوکيل منفي ٻج سموري سماج جي شڪل ئي بدلائي ڇڏي، هي ملڪ عالمي قوتن وچ ۾ جنگ جو ميدان ٿي ويو، جنهن جو نتيجو اڄ پڻ ڀوڳي رهي

1977ع جي عام چونڊن ۾ پ پ کي ڪاميابي حاصل ٿي، انگن اکرن مطابق 200 سيٽن مان 155 سيٽون ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي کي مليون.  مخالف ڌر ”پاڪستان قومي اتحاد المعروف پي اين اي“ هئي. ان ۾ ملڪ جون ساڄي ڌر جون ڪل 9 پارٽيون شامل هيون. روائتي سياست جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل انهن پارٽين جي ترجماني مدي خارج فڪر رکندڙ ڌريون يا اڳواڻ ڪري رهيا هئا. جنهن ڪري عام ماڻهو کين رد ڪري ڇڏيو. ان جي ڀيٽ ۾ 1971 کان وٺي 1977ع تائين پ پ ملڪ  ۾ ڪيترائي التوا ۾ پيل معاملا سڌا ڪيا هئا. ملڪ لاءِ آئين جوڙيو، معاشي ۽ زرعي سڌارا شروع ڪيا، جنهن ميرن، پيرن ۽ جاگيردارن کي  چڱو خاصو ڌڪ هنيو. نوڪر شاهي کي به پهريون ڀيرو احساس ٿيو هو ته هنن کان به پڇاڻو ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ سماج کي اڳڀري ڪرڻ طرف اهو هڪڙو ننڍڙو ملڪ جي اشرافيه، نوڪر شاهي ۽ اصل والي وارثن کي اهو سڀ ڪجهه نه وڻيو، سماج ۾ پئدا ٿيل اٿل پٿل يا لهر، زماني کان قابض ڌرين کي لوڏيو ۽ ڌوڏيو پر عوام جي دشمن قوتن، مقامي اسٽيبلشمينٽ ۽ عالمي قوتن سان گڏجي هڪ گهرو ڄار وڇايو ۽ پ پ لاءِ رستا سوڙها ڪري ڇڏيا. 1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جو الزام مڙهي، پ پ مخالف ڌريون ٻرن مان نڪري آيون، مذهبي ڌرين جلسا ۽ جلوس ڪڍيا، جنرل ضياءَالحق کي مداخلت جي لاءِ درخواست ڪئي. نيٺ وجهه ۾ ويٺل جنرل ضياءَالحق سنڌائتو ڌڪ وهائي سماج کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. جيتوڻيڪ زميني حقيقتون مختلف هيون، پ پ کي، ڪجهه گهڻگهرن پي اين اي، جي احتجاج کانپوءِ صورتحال جي نزاڪت بابت گهڻو دير سان آگاهه ڪيو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي مشيرن ۽ وزيرن کي شايد صورتحال جو اندازو نه هو يا وري اهي ڄاڻي واڻي هن کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ سوڙهي گهٽي ۾ وٺي ويا.

ڌانڌلين بابت بعد ۾ ڳالهيون ڪري معاملا طئي به ڪيا ويا هئا پر شايد عالمي ۽ علائقائي عوام دشمن ڌرين هڪ رٿابندي هيٺ ملڪ ۾ وڌندڙ عوامي سُجاڳي کي روڪڻ جو پهه ڪري ورتو هو، جنهن جي قيادت جنرل ضياءَالحق ڪئي. بظاهر ”آپريشن فيئر پلي“ نالي هن ڪارروائي دوران ته ڪو رت جو ڦڙو به نه وهيو هو پر ان کانپوءِ جنرل ضيا سماج کي اهڙا نشتر هنيا جو سمورو معاشرو مفلوج ۽ اپاهج ٿي ويو. ذوالفقار علي ڀٽي کي ”نواب محمد احمد خان قصوري“ کي بڇ ڪري قتل ڪرائڻ جي هڪ جڙتو ڪيس ۾ ڦاسايو ويو. نواب محمد احمد خان قصوري تي 10 نومبر 1974ع تي ان وقت ڪجهه هٿياربندن حملو ڪيو هو، جڏهن هو پنهنجي پٽ ۽ تڏهوڪي ايم اين اي احمد رضا قصوري سان هڪ شادي تقريب مان واپس اچي رهيو هو. جنهن ۾ نواب محمد احمد خان قصوري شديد زخمي ٿيو جنهن کي ترت يونائيٽيڊ ڪرسچن اسپتال لاهور پهچايو ويو، پر هو بچي نه سگهيو. احمد رضا قصوري ايم اين اي پنهنجي والد جي ايف آءِ آر تڏهوڪي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي خلاف داخل ڪرائڻ چاهي، پر انتظاميا انڪار ڪري ڇڏيو هو. بعد ۾ خود ذوالفقار علي ڀٽي پوليس کي هدايت ڪئي ته فريادي جي چوڻ مطابق ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. اها ايف آءِ آر ئي هئي جنهن کي بنياد بڻائي قانون کي هٿ جو رانديڪو سمجهي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي .

  ان کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي حامين توڙي روشن خيال ڌرين خلاف ڪارروائين جو سلسلو شروع ٿيو. ملڪ ۾ سول قانون معطل ڪيو ويو، فوجي عدالتون قائم ٿيون، جيل ڀريا ويا سياسي بدلن چڪائڻ جي موسم آئي، ڳڻي ڳڻي سرگرم سياسي ڪارڪنن کي بند ڪيو ويو، سياسي فڪر مختلف هئڻ جي بنياد تي ماڻهن کي قيد ڪيو ويو، راندين جي ميدان ۾ نمائش ڪري سياسي ڪارڪنن کي ڦٽڪا هنيا ويا.

 پ پ جي پهرين صف جي قيادت کي قيد ڪيو ويو، پوءِ ڪيترائي اڳواڻ جيل ۾ معافيون ۽ تلافيون ڪري جهڪي پيا، ذوالفقار علي ڀٽو کي تن تنها ڪري مارايو، عوام کي سنڀالڻ، منظم ڪرڻ ۽ سياسي هلچل هلائڻ کان پاسو ڪيو ويو، بلڪه پهرين صف جي پ پ اڳواڻن عوام کي نياپا ڏنا ته، ”ڀٽو چوي ٿو ته منهنجي لاءِ غريب ماڻهو پاڻ کي تڪليف ۾ نه وجهن“ عوام کي بظاهر ذوالفقار علي ڀٽي جي سڄڻن آسرا ڏنا ته ”اجهو ٿو هوائي جهاز اچي ۽ ڀٽي کي جيل مان آزاد ڪري ان ۾ کڻي ٿو وڃي“. نيٺ 4 اپريل 1978ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي ۽ ان کانپوءِ هڪ ڊگهي خاموشي ڇانئجي وئي.

1983ع ۾ ايم آر ڊي جي سول نافرماني تحريڪ هلي، جنهن کي به تڏهوڪي سياسي قيادت پنهنجي مرضي مطابق سوديبازي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام اندر دکندڙ دونهين ڀڙڪو کاڌو، سموري سنڌ ۾ عام ماڻهو اٿي پيو، نتيجي ۾ جنرل سماجي اڀار کي روڪڻ لاءِ 1985ع ۾ مارشل لا جي ڇٽي هيٺ غير جماعتي چونڊون ڪرايون پر سمورا اختيار پنهنجي هٿ ۾ رکيا. جنهن سان هن پنهنجي هٿ سان ٺاهيل وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي حڪومت کي به ڊاهي ڇڏيو.

1988ع ۾ بهاولپور ۾ ٿيل هڪ جهاز حادثي ۾ جنرل ضياءَالحق مارجي ويو، جنهن کانپوءِ ملڪي صورتحال نئين دور ۾ داخل ٿي پر 11 ورهيه اڳ هڪ فوجي جي ڪيل ڪاهه سماج ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پکيڙي ڇڏيون هيون، جنهن جو نتيجو سماج اڄ ڀوڳي رهيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.