جادوئي ٽوٽڪا سنڌ ۾ نٿا هلي سگهن، ايمنسٽي اسڪيم جي خلاف آهيان: مراد شاهه

 ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته   صوبائي حڪومت جي تبديلي پي ٽي آءِ جي قيادت لاءِ ھڪ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو آھي، ھاڻ اھي جادوئي ٽوٽڪا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن پر انهن جا اھي جادوئي ٽوٽڪا سنڌ ۾ ڪم نه ٿا ڪري سگھن. ھن اھا ڳالهه ڪالهه  ٻن مختلف ھنڌن الجامع سيفيھ المھلات البرھانيھ جو دورو ڪرڻ ۽ ان بعد تعمير ھيٺ شھيد ملت انڊرپاس، طارق روڊ انٽرسيڪشن انڊرپاس جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيون. ان موقعي تي مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير سعيد غني ۽ سڌسماءَ وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب سندس گڏ ھئا. وڏي وزير  چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت جو خواب  سنڌ ۾ تبديلي آندي وڃي پر انهن جو اھو خواب ڪڏھن به پورو نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته انهن جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ انگن واري اڪثريت نه آھي. اهي ھاڻ جادوئي ٽوٽڪن بابت ڳالھائي رھيا آھن ۽ کيڏندا رھيا آھن جنهن تحت انهن  جي مرڪز ۾ حڪومت آھي، انهن جا جادوئي ٽوٽڪا سنڌ ۾ ڪم نٿا ڪري سگھن. ھن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت خلاف سازش ڪري رھي آھي، جيڪڏھن اوھان صوبن کي ڪمزور ڪري رھيا آھيو ته ان جو مطلب ته اوھان وفاق کي ڪمزور ڪري رھيا آھيو،   هن  چيو ته اھو شخص جنهن کي حڪومت جو ڪوبه تجربو نه آھي ۽ ان کي وزيراعظم بڻايو ويو آهي،  ھن چيو ته ھاڻي طاقت جي نشي ۾ ھن (وزيراعظم) پاڪستان جي ماڻھن تي تجربا ڪرڻ شروع ڪيا آھن. ھن چيو ته ھن پنهنجي پھرين تجربي ۾ ملڪ اندر اگھن ۾ تمام گھڻي واڌ ڪندي غريب ماڻھن جي وات مان مانيءَ جو ڳڀو پڻ کسي ورتو آھي. هن  چيو ته وزيراعظم ھر ھڪ کي چور ۽ ڌاڙيل سمجھي پيو پر ھُن اھا ڳالهه وساري ڇڏي آھي ته ھن پاڻ نيب ڪيسن کي منهن ڏنو آھي. ھن چيو ته اوھان ھاڻي ڪڏھن به ماڻھن تي دٻاءُ وجھي حڪومت ڪري سگھو ٿا ۽ نه ئي آواز دٻائي سگھو ٿا پر اوھان کي گھرجي ته سڀني سان سٺي ريت واري ورتاءُ  سان پيش اچو ۽ حڪمران طور تي پيش اچو. ھن چيو ته ڌمڪين ۽ دٻاءَ ذريعي ماڻھن کي خاموش ۽ انهن جي حقن لاءِ اٿندڙ آواز کي روڪي نه ٿا سگھو. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ھُو ذاتي طور تي ايمنسٽي اسڪيمن جي خلاف آھي ڇاڪاڻ ته انهن اسڪيمن تحت حڪومت غيرقانوني طريقي سان حاصل ڪيل دولت کي قانوني شڪل ڏيندا آھن. ھن چيو ته سياستدانن کي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ جو حق نه آھي. ھن چيو ته جڏھن انهن جي ايمنسٽي اسڪيم ناڪام ٿي ويندي ته اھي ماڻھن جي گھرن تي چڙھائي شروع ڪندا. ھن چيو ته اھڙي قسم جي ماحول ۾ ماڻھو خوف محسوس ڪري رھيا آھن ۽ ماڻھن سندن سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ شروع ڪندا. راڻا ثناءَ اللھ جي گرفتاريءَ بابت ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه مذمت ڪندي چيو ته اھڙي قسم جي سياسي انتقام سان حڪومت جي ساک وڌيڪ متاثر ٿيندي،هن چيو ته راڻا ثناءُ اللھ جي گرفتاري وزيراعظم جي خلاف چارج شيٽ ثابت ٿيندي.ڪراچيءَ  ۾  سنڌ حڪومت خلاف بينر لڳائڻ بابت ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اھي ھڪ ڀيرو ڪراچيءَ جي ماڻھن کي ھاءِ جيڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته انهن ڪڏھن به ھن شھر جي ماڻھن جي حقن لاءِ آواز بلند نه ڪيو آھي پر انهن سدائين سندن ووٽن کي مايوس ڪيو آھي. ھن چيو ته سندس حڪومت شھر ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ڪوشان آھي ۽ ماڻھن جي خدمت بنا فرق جي ڪري رھي آھي،ھن چيو ته ڪي ايم سي پنهنجي غيرترقياتي خرچ ۽ سندن وڌيڪ ڀرتي ڪيل عملي، سندن فنڊن ۽ وسيلن کي مناسب استعمال بدران انهن پنهنجون اکيون صوبائي حڪومت تي رکيون آھن جيڪو غلط آھي. ھن چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي وصولين ۾ شارٽ فال کي منهن ڏئي رھي آھي ان ڪري انهن صوبي ڏانهن گھٽ فنڊ منتقل ڪيا آھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته مون ٻڌو آھي ته پي ٽي آءِ سندس خلاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان درخواست داخل ڪئي آھي ته گھوٽڪيءَ ۾ ننڍي چونڊن جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. ھن چيو ته مان ڄام سيف الله  ڌاريجو جي ڪراچيءَ ۾ واقع گھر ويس، اسان انهن جي گھوٽڪي ۾ واقع گھر نه ويا ھئاسين ته ڪيئن ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.