آءِ ايم ايف بورڊ طرفان پاڪستان لاءِ قرض پروگرام جي منظوري جو امڪان

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف بورڊ جي اڄ رٿيل اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالر قرض پروگرام جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اهم ترين اجلاس اڄ واشنگٽن ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ قرض پروگرام جي منظوري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. پاڪستان آءِ ايم ايف سان ٽن سالن جي قرض پروگرام لاءِ اسٽاف ليول ڳالهيون مڪمل ڪيون آهن.  منظوري کانپوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالر جو قرض ملڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جو بورڊ پاڪستان کي ايڪسينڊيڊ فنڊ فيسليٽي تحت قرض فراهم ڪندو. معاشي ماهرن موجب آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري سان عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان به مالي مدد جو رستو صاف ٿيندو ۽ پرڏيهي قرضن جي ادائيگي سولي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.