سکر (رپورٽ:شفيع محمدابڙو)گهوٽڪي جي اين اي 205 تي پ پ اميدوار سردار محمد بخش مهر جي نااهلي لاءِ علي گوهر خان مهر جي منشي پاران سنڌ هاءِڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي، عدالت 4 جولاءِ تي اليڪشن ڪميشن،رٽرننگ آفيسر ۽ محمد بخش مهر کي طلب ڪري ورتو، پ پ جي نامزد اميدوار سردار محمد بخش خان مهر خلاف ٻِيهر علي گوهر خان مهر جي منشي شبراتي پاران نااهلي لاءِ وڪيل سيد اويس شاهه معرفت پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي، پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِڪورٽ سکر جي ڊبل بينچ جي جج جسٽس عبدالمالڪ گدي ۽ جسٽس ارشد حسين خان جي عدالت ۾ ٿي، جتي درخواستگذار جي وڪيل محمد بخش مهر ۽ رٽرننگ آفيسر گهوٽڪي،اليڪشن ڪمنشنر،اليڪشن ٽريبونل کي ڌر ڄاڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته محمد بخش مهر خلاف اثاثا لڪائڻ جا ثبوت پيش ڪرڻ باوجود رٽرننگ آفيسر ۽ ٽريبيونل جي جج نامزدگي فارم بحال ڪيا، جنهن ڪري رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ٽريبيونل جو فيصلو ملتوي ڪري محمد بخش مهر کي اليڪشن وڙهڻ کان روڪيو وڃي، پٽيشن جي ٻڌڻي ڪندڙ ڊبل بئنچ درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي 4 جولاءِ تي محمد بخش خان مهر ۽ لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي، ٻئي طرف پ پ جي نامزد اميدوار محمد بخش خان مهر جي نااهلي لاءِ پٽِيشن داخل ٿيڻ بعد گهوٽڪي جي سياسي صورتحال دلچسپ ٿي وئي آهي، جڏهن ته پ پ طرفان به آزاد اميدوار احمد علي خان مهر ۽ حاجي خان مهر خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، امڪان آهن ته اڄ تائين سنڌ هاءِڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪيون وينديون.
گهوٽڪي ۾ چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون،اميدوارن جا دورا
گهوٽڪي/ خان پور مهر (ڊ ر+ ن ع آ) اين اي 205 جي ننڍي چونڊ جون سرگرميون زور وٺي ويون آھن ۽ ان حوالي سان اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ مامو ڀاڻيجو جنھن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار سردار محمد بخش خان مھر ۽ آزاد اميدوار سردار احمد علي خان ھڪٻئي خلاف سندرا ٻڌي ڇڏيا آھن، ٻنھي اميدوارن ورڪ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آھي
هوڏانهن اين اي 205 جي پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته خان ڳڙھ مان خوف جي سياست جو خاتمو ڪرڻ نڪتو آھيان ۔ هاڻي دڙڪي داٻي ۽ دهمان جي سياست نه هلندي، سردار ڳڙھ ۾ مهر برادري جي ماڻهن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سردار غلام محمد خان مهر جو پڳدار پٽ آھيان جنهن ڪري مان به بدلو وٺڻ بدران معاف ڪرڻ سکيو آھيان، ٻئي طرف اين اي 205 گهوٽڪي، خان ڳڙهه قومي اسيمبلي جي تڪ تي 18 جولاءِ تي ٿيندڙ ضمني اليڪشن جي سلسلي ۾ آزاد اميدوار احمد علي خان مهر ۽ حاجي خان مهر چاچڙ برادري جي سردار حاجي خان چاچڙ ۽ پپو خان چاچڙ سان گڏجي گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾گڏجاڻين کي خطاب ڪندي آزاد اميدوار احمد علي خان مهر چيو ته منهنجي بابا مرحوم سردار علي محمد خان مهر پنهنجي پوري زندگي گهوٽڪي واسين جي خدمت ڪندي گذاري بابا عوام سان سياست کان هٽي ڪري پنهنجائپ واري رشتي تحت محبت ڪندڙ هو ۽ گهوٽڪي جي عوام جو محبوب ليڊر هو، جنهن گهوٽڪي ضلعي ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرايا ۽ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا، گهوٽڪي جو عوام هن ڀيري بابا جي خدمتن عيوض 18 جولاءِ تي پکي تي ٺپو هڻي مونکي ڪامياب ڪري
”مراد شاهه گهوٽڪي چونڊن ۾ اثرانداز ٿيو“ اليڪشن ڪميشن کي درخواست
اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته هن اختيارن جو غلط استعمال ڪيو. تفصيل موجب پي ٽي آءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خلاف گهوٽڪي ۾ سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ هن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي. اِها درخواست پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ داخل ڪئي، پي ٽي آءِ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته گهوٽڪي ۾ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي پئي وڃي. وڏو وزير ٽي ڏينهن پهرين ڄام سيف الله وٽ ويو ۽ سپورٽ گهري. هن چيو ته مراد علي شاهه پنهنجي ان عمل سان اليڪشن ڪميشڻ تي سڌو سنئون اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ضابطا اخلاق جي تحت حڪومتي ماڻهو اليڪشن تي اثرانداز نٿا ٿي سگهن ، ان ڪري هن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪئي وڃي. حليم عادل شيخ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت طئي ڪري ورتو آهي ته هر ڪم ۾ ٻه نمبري ڪرڻي آهي، عمران خان گهوٽڪي تعزيت جي لاءِ ويو هو، ڪا به ميڊيا ٽاڪ نه ڪئي.
آزاد اميدوار لاءِ ميان مٺو جي ڪئمپ ، قادر مگسي جو به رابطو
خانپورمهر ( ت ر) اڳوڻو ايم اين اي ميان مٺو پڻ اين اي 205 جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار احمد علي خان مهر جي حمايت ۾ ميدان تي لهي پيو آهي، ميان مٺو يوسي واڳڻي ۾ ڪيمپ پڻ قائم ڪري ورتي آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر سان فون تي ڳالهه ٻولهه ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڄام فتاح سميجي سان رابطو ڪري اين اي 205 جي آزاد اميدوار احمد علي خان مهر جي مڪمل حمايت ڪرڻ جون هدايتون ڪيون .اميدوارن جي ڪاميابي بابت شرطون لڳي ويونگهوٽڪي (ڊ ر ) 18 جولاءِ تي رٿيل ننڍي چونڊ جون سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن، جڏهن ته اميدوارن جي ڪاميابي تي شرطون ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻئي مک اميدوار هڪ ئي خاندان مان هئڻ ڪري ڪنهن اميدوار جي ڪاميابي بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو.